لاهور – 07 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گورننس جي بهتري ملڪ جي ترقي لاءِ ضروري آهي، ايندڙ نسلن جي لاءِ اسان کي ملڪ جو نظا?? ٺيڪ ڪرڻو آهي، ڪرپشن جي ڪا گنجائش نه آهي، ٿاڻو ڪلچر تبديل ڪيو وڃي، ادارن ۾ جزا ۽ سزا جو نظام متعارف ڪرايو وڃي، سياسي دٻاءُ کانسواءِ ميرٽ تي ڪم ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب صوبي جي سول آفيسرن بشمول انتظامي کاتن جي سيڪريٽرين، ڪمشنرز، ڊپٽي ڪمشنرز، ريجنل پوليس آفيسرن سان وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پنجا?? جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، پنجا?? جو چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پنجاب پڻ موجود هئا. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان کي مشڪل معاشي صو??تح??ل درپيش رهي، معيشت قرضن جي بار هيٺ رهي، جنهن جي ڪري تعليم، صحت ۽ ترقياتي منصوبن جي لاءِ گهربل. وسيلن جي کوٽ درپيش رهي. هن چيو ته ڪ??پشن جي ڪري به معيشت کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، انهي جي ڪري اسان جي حڪومت ڪرپشن جي خلاف جهاد شروع ڪيو، 60ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي ترقي ??ا مثال ڏنا ويندا هئا، ڪرپشن سدائين مٿي ۽ ايليٽ طبقي کان شروع ٿئي ٿي. وزيراعظم عمران خان چيو ته هي ملڪ اسان جو آهي، اسان جو جيئڻ مرڻ هن ئي ملڪ سان آهي، ايندڙ نسلن جي لاءِ نظا?? ٺيڪ ڪرڻو آهي، گورننس جي بهتري ملڪي ترقي جي لاءِ ضروري آهي. هن وقت ملڪ ۾ معاشي ترقي جي لاءِ سڀ کان اهم شعبو تعميرات جو آهي. ان سان روزگار ??ا موقعا ملندا.
گورننس جي بهتري ملڪ جي ترقي لاءِ ضروري آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ