اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کاڌي پيتي جي شين ۾ ملاوٽ ڪندڙ عنصرن ۽ ذخيره اندوزن جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪنهن کي به ماڻهن جي صحت سان کيڏڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ استحڪام حڪومت جي اولين ترجيح آهي، کنڊ جي صنعت ۾ ٽيڪس چوري ۾ مل??ث شگر ملز جي نشاندهي ۽ انهن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، گذريل ٻن مه??نن ۾ شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان ڏسڻ ۾ آيو آهي، ان جي تسلسل کي قائم رکڻ جي لاءِ قدمن کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن روزاني جي استع??ال جي شين جي قيمتن جي صورتح??ل جو جائزو وٺڻ ب??بت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : رومن دولت