اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيه?? وزير مخدوم شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي ??وق??ي تي سيلووينيا جي پرڏيه?? وزير اينزي لوگار سان ملاقات ڪئي، پرڏيه?? وزيرن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي ذريعي گڏيل ??ابطا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻنهي پرڏيه?? وزيرن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ افغانستان جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. شاهه محمود قريشي چيو ته سيلو وينيا يورپي يونين جو اهم ملڪ آهي، پاڪستان سيلو وينيا سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پرڏيه?? وزير يورپي يونين جي صدارت جو منصب سنڀالڻ تي سيلو وينيا جي پرڏيه?? وزير کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، پرڏيه?? وزير اميد ظاهر ڪئي ته افغانستان ۾ ٺهندڙ نئين حڪومت اجتماعيت جي حامل هوندي، پاڪستان گڏيل ??ميداري تحت افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، افغانستان ۾ امن جي قيام جو فائدو سڄي خطي کي هڪجهڙو ٿيندو. شاهه محمود قريشي چيو ته حالتون بگاڙ جو شڪار ٿيون ته سڀ متاثر ٿيندا، پاڪستان افغانستان ۾ اجتماعيت جي حامل سياسي حل جو حامي آهي، هن چيو ته افغانستان ۾ امڪاني انساني ۽ اقتصادي بحران کي نظر ۾ رکندي عالمي برادري کي افغانين جي مدد لاءِ موثر قدم کڻڻا پوندا. پرڏيه?? وزير پنهنجي هم منصب کي ٻين يورپي ملڪن جي پرڏيه?? وزيرن سان ٿيل ??ابطن کان آگاهه ڪيو، پرڏيه?? وزير شاهه محمود قريشي افغانستان جي ويجهي پاڙيسري ملڪن جي پرڏيه?? وزيرن ۽ ايس سي او سمٽ جي ??وق??ي تي ايس سي او ۽ سي ايس ڊي او جي وفدن جي سربراهن سان ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه کان سيلو وينيا جي پرڏيه?? وزير کي آگاهه ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان 37 ملڪن جي رهواسين ۽ عالمي ادارن سان تعلق رکندڙ 14 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪابل مان ڪڍڻ ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪئي، پرڏيه?? وزير لوگار عالمي انخلا جي ڪوششن کي آسان بڻائڻ ۾ پاڪستان جي مثبت ڪردار جي واکاڻ ڪئي، ٻنهي پرڏيه?? وزيرن پاڪستان ۽ سيلو وينيا جي وچ ۾ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي ذريعي گڏيل ??ابطن ۽ علائقائي مسئلن تي مشاورت جو سلسلو جاري رکڻ ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.
پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي سيلووينيا جي پرڏيهي وزير سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد