اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت جي معاشي حڪمت عملي جو بنيادي محور ملڪ جو روانگي واپار وڌائڻ، واپ??ري خسارو گهٽ ڪرڻ ۽ معاشري جي پيڙهيل طبقن جي مدد ڪرڻ آهي، حڪومتي سڌارن جي نتيجي ۾ ڪا??وب??ر ڪرڻ ۾ آساني جي انڊيڪس ۾ پاڪستان جي درجابندي 108 کان 136 تائين پهچي وئي آهي، ڪا??وب??ري شعبي کي عالمي سوچ اختيار ڪرڻ ۽ منڊين ۾ تبديل ٿيندڙ رجحانن کان باخبر رهڻ جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ج??ري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار انٽر پرينيورز آرگنائيزيشن (اي او) جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. هن چيو ته ڪا??وب??ري ب??ادري خصوصي ماڻهن ۽ عورتن کي مالي طور تي خودمختيار بڻائڻ جي لاءِ نوڪريون ڏين ۽ ڪا??وب??ري صلاحيتون وڌائين، خصوصي ماڻهن کي عمارتن ۽ ڪم جي جاين تائين آسان پهچ فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ص??ر چيو ته حڪومت واپاري ب??ادري کي ب??ابر موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، پاڪستان جي سيڙپڪ??ري پاليسي سازگار ڪا??وب??ري ماحول پيدا ڪرڻ ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ جي لاءِ هڪ ٺوس فريم ورڪ فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٺاهي وئي آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪا??وب??ري ب??ادري ويليو ايڊيشن جي ذريعي ملڪي روانگي واپار وڌائڻ ۽ عالمي منڊين تائين پهچ وڌائڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري. انٽر پرينيورز آرگنائيزيشن جي وفد حڪومت جي معاشي پاليسين ت?? اطمينان جو اظهار ڪندي ڪا??وب??ري ۽ سيڙپڪ??ري دوست پاليسين کي ساراهيو. وفد جي ميمبرن چيو ته انٽر پرينيورز آرگنائيزيشن ملڪ جي معاشي ترقي ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهي آهي. صدر وفد کي انهن جا مسئلا ۽ شڪايتون لاڳاپيل ڌرين تائين پهچائڻ جي خاطري ڪرائي.
حڪومت جي معاشي حڪمت عملي جو بنيادي محور ملڪ جو روانگي واپار وڌائڻ، واپاري خسارو گهٽ ڪرڻ ۽ معاشري جي پيڙهيل طبقن جي مدد ڪرڻ آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : bolão quina