اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي چين جي دوري دوران چين جي مختلف ڪاروباري شخصيتون ۽ وڏن سيڙپڪارن سان ملاقاتون ٿينديون. چين مان ڪيترائي ڪاروباري ۽ صنعتي يونٽس پا??ست??ن م??تقل ٿيندا، ان دوري سان پاڪ چين گهرن لاڳاپن جي سگهه ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. اها ڳالهه ه?? وزيراعظم عمران خان جي چين جي دوري جي حوالي سان پنهنجي هڪ وڊيو بيان ۾ چئي، چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان اڄ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ چين جي اهم دوري تي روانو ٿي رهيو آهي. پنهنجي چين جي دوري دوران وزيراعظم عمران خان چين جي صدر شي چن پنگ سان ملاقات ڪندو. صدر شي چن پنگ ٻن سالن کانپوءِ ڪنهن عالمي اڳواڻ سان ملاقات ڪندو جيڪو وزيراعظم عمران خان هوندو. هن چيو ته وزيراعظم جي چين جي دوري جو مقصد ونٽر اولمپڪس ۾ پا??ست??ن جي نمائندگي ۽ ان جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪ??ي پا??ست??ن جو خير سگالي جو جذبو پهچائڻ آهي، هن چيو ته ان م??قعي تي 20 ٻين م??ڪن جا سربراهه به چين ۾ موجود هوندا. وزيراعظم جي چين جي مختلف ڪاروباري شخصيتن سان ملاقاتون به ٿينديون. ان دوري کانپوءِ چين مان ڪيترائي ڪاروباري ۽ صنعتي يونٽس پا??ست??ن م??تقل ٿيندا. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي چين جي صدر ۽ وزيراعظم سان به ڌار ڌار ملاقاتن کانسواءِ چين جي وڏن سيڙپڪارن سان ملاقاتون به طئي آهن، اهو دورو هماليه کان اونچي ۽ بحيره عرب کان گهِ??ي پاڪ چين لاڳاپن جي سگهه ۾ وڌيڪ اضافو ڪندو.
وزيراعظم جي چين جي دوري دوران اهم ملاقاتون ٿينديون: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن