ماسڪو – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان رو??ي صدر ولادي مير پيوٽن جي خصوصي دعوت تي رو?? جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ماسڪو پهچي ويو. وزيراعظم عمران خان جو ايئرپورٽ تي اچڻ تي رو?? جي نائب پرڏيهي وزير ايگور مور گولٽو استقبال ڪيو. وزيراعظم عمران خان کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. وفاقي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، چوڌري فواد حسين، اسد عمر، حماد اظهر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، قومي سلامتي وارو صلاحڪار معيد يوسف ۽ عامر محمود ڪياني وزيراعظم سان گڏ آهن. رو??ي صدر ولادي مير پيوٽن جي خصوصي دعوت تي وزيراعظم عمران خان رو?? جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم عمران خان ٻن ڏهاڪن کانپوءِ پهريون پاڪستاني وزيراعظم آهي جيڪو رو?? جو دورو ڪري رهيو آهي. رو?? جي صدر پيوٽن ۽ وزيراعظم جي ملاقات ان دوري جو اهم ترين جز هوندو. صدر پيوٽن سان ملاقات ۾ وزيراعظم عمران خان عالمي ۽ خطي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. ملاقات ۾ رو?? پاڪستان ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي توانائي شعبي تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اسلامو فوبيا ۽ افغا??ست??ن جي صورتحال پڻ غور هيٺ آندي ويندي. وزيراعظم ماسڪو ۾ رو?? جي سڀ کان وڏي مس??د اسلامڪ سينٽر جو دورو ڪندو. وزيراعظم عمران خان سان اهم رو??ي قيادت بشمول نائب وزيراعظم، رو??ي سيڙپڪار ۽ واپاري ملاقات ڪندا. وزيراعظم جو دورو رو?? ۽ پاڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو.
وزيراعظم عمران خان روسي صدر ولادي مير پيوٽن جي خصوصي دعوت تي روس جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ماسڪو پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر