اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان خادم الحرمين ا??شر??فين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ سعودي عرب جي ولي عهد ??هزاده محمد بن سلمان پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان تي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت جي هڪ ٽوئيٽ موجب شاهه سلمان بن عبدالعزيز صدر کي ٻوڏ سبب ٿيندڙ المناڪ جاني نقصان تي تعزيت جو هڪ پيغام موڪليو آهي جن??ن ۾ خادم الحرمين ا??شر??فين صدر، فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين ۽ پاڪستاني عوام سان تعزيت ڪئي آهي. هن زخمين جي جلد ص??تيابي جي دعا ڪندي چيو ته اسان آزمائش جي هن گهڙيءَ ۾ توهان سان گڏ آهيون. سعودي عرب جي ولي عهد ۽ نائب وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان پڻ صدر کي اهڙو ئي پيغام موڪليو آهي جن??ن ۾ هن چيو ته سعودي عرب ان افسوسناڪ صورتحال ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي. سعودي ولي عهد ص??ر ۽ فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان پنهنجي گهري ڏک ۽ دلي همدردي جو اظهار ڪيو. هن فوت ٿيندڙن جي مغفرت جي لاءِ دعا ۽ زخمين جي جلد ص??تيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني نقصان تي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک