اسلام آباد ??? 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪه برطانيا ايلزبيٿ ٻه جي لا??اڻ?? تي تعزيت جي لاءِ برطانوي هاءِ ڪميشن جو دورو ڪيو. هن برطانوي هاءِ ڪميشن ۾ تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر لکيا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته پاڪستان جي عو??م پاران شاهي خاندان ۽ برطانيا جي ماڻهن سان ڏکويل دل سان ملڪه ايلزبيٿ ٻه جي لا??اڻ?? تي دلي تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو، ان جو لا??اڻ?? 7 ڏهاڪن تي ٻڌل هڪ دور جي خاتمي جي علامت آهي. هن چيو ته ملڪه برطانيا برطانوي عو??م ۽ دولت مشترڪه جي لاءِ شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون، ملڪه برطانيا جي زندگي عو??مي خدمت جي لاءِ وقف هئي، هن پنهنجا فرض وقار سان ادا ڪيا. صدر چيو ته آئون 12 سال جي ٻار جي حيثيت سان ان جي پاڪستان جي دوري کي سدائين ياد رکندس، ملڪه ايلزبيٿ ٻه شائستگي، توا??ن ۽ وقار جي علامت هئي. بعد ۾ صدر بطانوي هاءِ ڪمشنر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته آنجهاني ملڪه بي مثال وقار ۽ شائستگي رکندڙ عو??ت هئي، آنجهاني ملڪه جي خيراتي ادارن جي سرپرستي، دنيا ۾ امن جي فروغ جي لاءِ ڪوششون غيرمعمولي هيون. برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر چيو ته آنجهاني ملڪه پنهنجي دل ۾ پاڪستان جي لاءِ هڪ خاص مقام رکندي هئي، ملڪه ايلزبيٿ ٻه پنهنجي آخري پيغام ۾ پاڪستان جي ٻوڏ سٽيلن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو هو.
صدر پاران ملڪه برطانيا ايلزبيٿ ٻه جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ برطانوي هاءِ ڪميشن جو دورو
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania