اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود پڻ ملاقات ۾ شريڪ هئا. پرڏيهي وزير ملڪ ۾ ٻوڏ جي تباهين جي ڏس ۾ پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سيڪريٽري جنرل جي پاڪستان جي وقت سر دوري کي ساراهيو. هن حڪومت جي جاري ردعمل جي پڄاڻي جي لاءِ گڏيل قومن جي ”فليش اپيل“ جي ذريعي پاڪستاني عوام جي لاءِ عالمي امداد کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ سيڪريٽري جنرل جي ڀرپور ڪردار تي ان جا ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير چيو ته شديد برساتن پاڪستان جي تاريخ جي بدترين قدرتي آفت کي جنم ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جو ٽيون حصو ٻڏي ويو ۽ 33 ملين کان وڌيڪ ماڻهو ??تا??ر ٿيا. هن ??يو ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان اهم انفراسٽرڪچر ۽ روزگار جي ذريعن کي پڻ زبردست نقصان پهتو آهي. پرڏيهي وزير ان قدرتي آفت کي منهن ??يڻ جي لاءِ حڪومت پاران کنيل قدمن جو ذڪر ڪندي چيو ته چئلينج پاڪستان جي وسيلن ۽ صلاحيتن کان وڌيڪ آهي. هن ??يو ته عالمي برادري پاران پاڪستان جي مدد هن موسمياتي تباهي جو موثر طريقي سان جواب ڏيڻ ۽ پائيدار طريقي سان بحالي ۽ نئين سر تعمير ۾ مدد ڪرڻ جي لاءِ اهم آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ٻوڏ کان ??تا??ر علائقن ۾ جاري امدادي ڪمن سان گڏوگڏ ڊگهي مدي واري بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ گڏيل قومن جي مڪمل حمايت ۽ تعاون کي ورجايو. هن ??يو ته اهو نه رڳو عالمي برادري جي سخاوت ۽ يڪجهتي جو معاملو آهي پر انصاف جو معاملو آهي. سيڪريٽري جنرل عالمي ماليات کي متحرڪ ڪرڻ ۽ پاڪستان جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن جي لاءِ مالياتي گنجائش وڌائڻ جي لاءِ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي. اسلام آباد ۾ پاڪستاني قيادت سان پنهنجي ملاقاتن کانسواءِ سيڪريٽري جنرل ٻوڏ کان سڀ کان وڌيڪ ??تا??ر ٿيندڙ علائقن جو پڻ دورو ڪندو، ??و ??تا??ر علائقن ۾ بي گهر ٿيندڙ ماڻهن سان ملاقات ۽ امدادي سرگرمين جو مشاهدو ڪندو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ