اسلام آباد – 14 آڪٽوبر (اي پي پي( دفاع وا??ي وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته مون کي اميد آهي ته آئنده سمورا ادارا آئين ۽ قانون موجب ڪم ڪندا، حڪومت سياسي صورتحال کي ڪنٽرول ڪ??ڻ ۾ صوبائي حڪومت جي مدد ڪندي، قومي سلامتي کان به اهم معاشي سيڪيورٽي آهي، جيڪڏهن ملڪ جي معاشي سيڪيورٽي نه هوندي ته ملڪ معاشي طور تي مضبوط نه هوندو ته قومي سلامتي ۽ دفاعي سلامتي کي به خطرو هوندو، هن وقت سوات ۾ افغانستان جي ڪري صورتحال خراب ٿي، ان تي ضابطو آندو ويندو، پاڪستان ۾ امن لاءِ افغانستان ۾ امن هجڻ ضروري آهي. اهڙو اظهار هن عرب نيوز جي سالياني ڪانفرنس 2022ع کي خطاب ڪندي ڪيو. دفاع وا??ي وزير خواجه محمد آصف چيو ته سعودي عرب ۾ ڪجهه عرصي کان ڪيتريون ئي تبديليون خاص طور تي محمد بن سليمان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ آي??ن آهن. هن چيو ته سعودي عرب ۾ آيل تبديلين ۾ ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪيو، تيزي سان بدلجندڙ دنيا سان گڏوگڏ ميڊيا ۾ به تبديلي??ن آيون، پرنٽ کانپوءِ ٽي تي ۽ هاڻي ڊجيٽل ميڊيا جو دور آهي، ميڊيا سدائين سوسائٽي جي تڪميل لاءِ ڪردار ادا ڪيو. دفاع وا??ي وزير چيو ته پاڪستان ۾ به ميڊيا وڏي ترقي ڪئي آهي، موجوده حالتن ۾ ميڊيا کي مثبت ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اسان جي خطي ۾ دهشتگردي جا مسئلا ڪيترن ئي ڏهاڪن ک??ن آهن، خيبرپختونخوا ۾ سياسي صورتحال سبب سوات ۽ ٻين اترين علائقن ۾ صورتحال خراب ٿي، وفاقي حڪومت صورتحال کي ڪنٽرول ڪ??ڻ ۾ صوبائي حڪومت جي مدد ڪندي. هن چيو ته پاڪستان جو يوڪرين جي جنگ ۾ ڪو به ڪردار نه آهي، پاڪستان ڪنهن جي جنگ ۾ شامل نه آهي، اسان جي دلچسپي ته اها آهي ته امن هج?? ۽ ??ڏيل قومن جي قانونن تي عمل ٿئي. اس??ن آمريڪا لاءِ جنگيون وڙهيون، آمريڪا سان اسان جا اسٽريٽجڪ لاڳاپا آهن، پرڏيهي وزير ۽ آرمي چيف آمريڪا جا دورا ڪيا جيڪي مثبت رهيا آهن.
مون کي اميد آهي ته آئنده سمورا ادارا آئين ۽ قانون موجب ڪم ڪندا، حڪومت سياسي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ صوبائي حڪومت جي مدد ڪندي: خواجه محمد آصف
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج