اسلام آباد – 19 – اپريل (ا?? پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ گير سولرائيزيشن من??وبي تي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جهڙو اسرندڙ ملڪ مهانگي درآمدي ٻارڻ سان بجلي ج?? پيداوار کي ب??داشت نه ٿو ڪري سگهي، سولر پينلز جي مرحليوار درآمد کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن سستي ب??لي جي فراهمي ممڪن ٿي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ گير سولرائيزيشن من??وبي تي اڳڀرائي جي اعليٰ سطحي جائزه اجلاس جي صدارت دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. وزيراعظم اسٽيٽ بئنڪ ۽ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته سولر پينلز ۽ ان سان لاڳاپيل اوزارن جي درآمد جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي. هن چيو ته گهٽ لاڳت شمسي ب??لي ج?? پيداوار سان ٻارڻ جي مد ۾ خرچ ٿيندڙ قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي، شمسي توانائي سان بجلي جي صارفين کي سستي ب??لي جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. هن هدايت ڪئي ته وفاقي سرڪاري ع??ار??ن جي سولرائيزيشن جي من??وبي تي اڳڀرائي کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 17 سرڪاري ع??ار??ن جو ٽينڊر جاري ڪيو ويو آهي جنهن جي لاءِ بڊز موصول ٿي چڪيون آهن، انهن بڊز جي فني جانچ اڄ مڪمل ڪئي ويندي. ان کانسواءِ وڌيڪ 50 ع??ار??ن جا ٽينڊرز 20 اپريل تي جاري ڪيا ويندا. اجلاس کي 600 ميگاواٽ ڪوٽ ادو من??وبي جي حوالي سان آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته ان من??وبي جو ٽينڊر پڻ جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ مقامي ۽ عالمي ڪمپنيون سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ظاهر ڪري رهيون آهن. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته 1200 ميگاواٽ ۽ جهنگ ۾ 600 ميگاواٽ جي من??وبن جي حوالي سان اڳڀرائي حتمي مرحلن ۾ آهي. اجلاس کي 11 ڪي وي فيڊرز تي سولر هڻڻ جي حوالي سان آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته ان حوالي سان نيپرا پينچ مارڪ ٽيرف جي من??وري کانپوءِ ئي ان تي اڳڀرائي ممڪن ٿي سگهندي. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير سيد مرتضيٰ محمود، پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، خاص معاونين جهانزيب خان، طارق باجوه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران ملڪ گير سولرائيزيشن منصوبي تي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری