اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي تر??يا??ي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت نيشنل هاءِ ويز اٿارٽي جي 68 جاري، 51 نئين ۽ بلٽ، آپريٽ اينڊ ٽرانسفر جي 3 اسڪيم?? سميت سمورن منصوبن جي لاءِ مجموعي طور تي 157860.390 ملين رپيا رکيا آهن. ڪالهه جمعي ڏينهن جاري پي ايس ڊي پي جي دستاوي?? موجب نيشنل هاءِ ويز اٿارٽي جي 68 جاري م??صوبن جي لاءِ 103375.614 ملين رپيا رکيا ويا آهن. آپريٽ اينڊ ٽرانسفر جي ٽن منصوبن جي لاءِ 10000 ملين رپيا رکيا ويا آهن. اهڙي طرح 51 نئين منصوبن جي لاءِ 44124.386 ملين رپيا رکيا ويا آهن. دستاوي?? موجب جاري م??صوبن ۾ ڪاريڪ لنگهه تر??يا??ي پروگرام سيڙڪاري (ايشيائي تر??يا??ي بئنڪ) جي پيٽارو – سيوهڻ حصو (128) ڪلوميٽر منصوبن، پشاور ??? دره آدم خيل (36 ڪلوميٽر)، شڪارپور ??? رتوديرو (44 ڪلوميٽر) جي لاءِ 2500 ملين رپيا رکيا ويا آهن. شڪارپور ??? راجن پور اين 55 ڪاريڪ لنگهه جي اضافي ڪيرج وي جي تعمير جي م??صوبي لاءِ 3500 ملين رپيا رکيا ويا آهن. حيدرآباد – سکر موٽروي ايم 6 جي تعمير، سيالڪوٽ (سمبڙيال) کاريان موٽروي 69 ڪلوميٽر جا منصوبا شامل آهن.
پي ايس ڊي پي تحت نيشنل هاءِ ويز اٿارٽي جي 68 جاري، 51 نئين ۽ بلٽ، آپريٽ اينڊ ٽرانسفر جي 3 اسڪيمن سميت سمورن منصوبن جي لاءِ مجموعي طور تي 157860.390 ملين رپيا مختص
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون