اس??ام آباد – 21 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته ڀارتي وزيراعظم جي آمريڪا جي دوري کي اس??ام آباد ٻن خودمختيار ملڪن جي لاڳاپن کي سـٺي نظر سان ئي ڏسڻ چاهيندو پر دنيا کي به اهو ڏسڻو پوندو ته اسان جي پاڙيسري جي ڪري تڪرار حل نه پر وڌيڪ ٿي رهيا آهن. آمريڪي نشرياتي اداري سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارت 2019ع ۾ پاڪستان جي خلاف ويڙها?? جهازن جي ذريعي جارحيت ڪئي. حنا رباني کر چيو ته ريجنل سيڪيورٽي جي حوالي سان ڀارت پاران جيڪو موقف اختيار ڪيو پيو وڃي دنيا کي ان ڳالهه جو جائزو وٺڻ گهرجي ته خطي تي ان جا ڪهڙا اثر پئجي رهيا آهن. هن چيو ته ان سان خطي ۾ تڪرار حل ٿيڻ بدران تڪرار موجود رهندا جيڪو خطي جي لاءِ ??ٺو نه ٿو ٿي سگهي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ڪا به شيءَ خطي ۽ پاڪستان جي لاءِ غلط نه هجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ ڏهاڪن تائين پاڪستان جا اولهه دنيا سان ويجها رابطا رهيا آهن، آمريڪا ۽ يورپ سا?? گڏوگڏ پاڪستان جا چين سان به اسٽريٽجڪ لاڳاپا رهيا آهن، اسان ٻنهي سان لاڳاپن کي قائم رکڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته اسان کي پناهگيرن جي مسئلن ۽ موسمياتي تبديلي جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. حنا رباني کر چيو ته يورپي يونين سان رڳو جي ايس پي پلس اسان جي لاڳاپن کي ظاهر نه ٿو ڪري، يورپي يونين سان اسان جا سمورين سطحن تي لاڳاپا وسيع بنياد تي قائم آهن. هن چيو ته يورپي يونين جو به پاڪستان سان واپار وڌيو آهي، يورپي يونين جي ڪيترن ئي ملڪن کي هنرمند افرادي قوت جي ضرورت آهي، انهن کي قانوني مائيگريشن جي لاءِ رستن کي کولڻ گهرجي، غيرقانوني مائيگريشن تي پاڪستان کي به ا??تر??ض آهي.
ڀارتي وزيراعظم جو آمريڪا جو دورو سٺي ڳالهه آهي پر دنيا کي ڏسڻ گهرجي ته اسان جي پاڙيسري جي ڪري تڪرار به پيدا ٿي رهيا آهن: حنا رباني کر
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha