اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ريڊيو پاڪستان جي 12 نئين ا??ٽو??يوز جو افتتاح ڪري ڇڏيو. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جڏهن ريڊيو پاڪستان پهتي ته ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو پاڪستان طاهر حسن ۽ ريڊيو پاڪستان جي عملي سندس شاندار آجيان ڪئي. ان مو??عي تي اطلاعات وارو وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان پڻ موجود هو. اطلاعات واري وفاقي وزير ريڊيو پاڪستان جي 12 نئين ا??ٽو??يوز جو افتتاح ڪيو جن ۾ ايف ايم 94 اسپورٽس، 11 علائقائي زبانن جي نشريات، ماحوليات بابت ا??ٽو??يو، ٽيڪ ا??ٽو??يو، ڊراما، پروڊڪشن ۽ آڊيو ڊراما ريل جي حوالي سان ا??ٽو??يوز، پوڊ ڪاسٽ ا??ٽو??يو، ورلڊ سروس ا??ٽو??يو، ني??ز بليٽن نيشنل ا??ٽو??يو شامل آهن جڏهن ته صوة القرآن جي ٽرانسميشن کي پڻ ڊيجيٽل ڪ??و ويو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي دوري دوران ريڊيو پاڪستان جي مختلف ا??ٽو??يوز جو دورو پڻ ڪيو ۽ اتي موجود عملي سان ملاقات ڪئي ۽ انهن جي ڪم کي ساراهيو. ان مو??عي تي هن ريڊيو پاڪستان جي اسٽاف کان انهن جي معاملن بابت معلومات پڻ ورتي. اطلاعات واري وفاقي وزير بعد ۾ ميڊيا سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ميڊيا کي اهو ٽرانسميٽر پڻ ڏيکاريو جنهن جي ذريعي 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جي آزادي جو اعلان ڪ??و ويو هو.
مريم اورنگزيب پاران ريڊيو پاڪستان جي 12 نئين اسٽوڊيوز جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena