اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي پاڪ قطر فيملي تڪافل لميٽيڊ جي وفاقي انشورنس محتسب جي فيصلي جي خلاف درخواست رد ڪندي انشورنس ڪمپني کي منافعي سميت 20 لک رپيا شهري کي واپس ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، انصاف جي گهرج آهي ته ڪمپني اصل رق?? منافعي سان گڏ واپس ڪري. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وحيد احمد (شڪايت ڪندڙ) 2015ع ۾ البرڪه بئنڪ جي ذريعي تڪافل پلان خريد ڪيو، بئنڪ نمائندي تاثر ڏنو ته 20 لک هڪ ئي وقت ادائيگي ڪرڻي پوندي، 5 سالن کانپوءِ رق?? منافعي سان گڏ واپس ملي ويندي، ص??رف کي 11 سالن جي لاءِ 5 لک رپين جي سالياني پريميئم سان گڏ چار پاليسيون جاري ڪيون ??يون، شڪايت ڪندڙ هر سال پريميئم جي وڏي رق?? ادا ڪرڻ کان قاصر هو، ڪمپني کي درخواست ڪئي ته پاليسي رد ڪري ڇڏي. ص??رف 20 لک رپين جي رق?? واپس ڪرڻ جو چيو پر رق?? واپس نه ڪئي وئي. شڪايت ڪندڙ وفاقي انشورنس محتسب سان رجوع ڪيو جنهن ص??رف جي حق ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏي??. ب??د ۾ محتسب جي فيصلي جي خلاف ڪمپني صدر کي اپيل داخل ڪئي. صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي انشورنس ڪمپني پاليسي هولڊر کي 20 لک رپيا 6 سالن جي منافعي سان گڏ واپس ڪري، ص??رف کي رڳو هڪ پاليسي بدران وڏي سالياني پريئيم تي ڪيتريون ئي انشورنس پاليسيون جاري ڪيون ??يون. هن چيو ته تڪافل پلان 2015ع ۾ ص??رف کي غلط طرز تي وڪرو ڪيو ويو، ڪمپني ايتري عرصي ۾ رق?? ڪاروبار ۾ لڳائي مناسب منافعو ڪمايو هوندو، بئنڪ نمائندي تڪافل پلان بابت ص??رف کي غلط معلومات ڏئي راغب ڪيو. شڪايت ڪندڙ کي غلط معلومات ڏني وئي ته تڪافل پلان 5 سالن جي لاءِ آهي، ص??رف 11 سالن جي لاءِ چار انشورنس پاليسين جي ڪڏهن به چونڊ نه ڪئي. صدر چيو ته انشورنس ڪمپني 20 لک رپيا ورتا، سيڙپڪاري ڪئي، منافعو ڪمايو، ڪو شخص غيرمنصفاڻي طور تي ٻين جي وسيلن تي پاڻ کي امير نه ٿو ڪري سگهي، شڪايت ڪندڙ کي منافعي ۾ ان جي حصي کان محروم ڪرڻ ناانصافي هوندي، ڪمپني منافعو ڪمايو پر غيرمنصفاڻي طور تي ص??رف کي ادائيگي کان انڪار ڪيو. صدر پاڪ قطر فيملي تڪافل لميٽيد جي وفاقي انشورنس محتسب جي فيصلي جي خلاف درخواست رد ڪندي قرار ڏنو ته ڪمپني رق?? تي وڌيڪ شرح سان چارجز ڪٽڻ جو ڪو ٺوس سبب نه ڏنو. صدر حڪم ڏنو ته ڪمپني 30 ڏينهن ۾ شڪايت ڪندڙ کي منافعي سان گڏ 20 لک رپيا واپس ڪري.
صدر پاران پاڪ قطر فيملي تڪافل لميٽيڊ انشورنس ڪمپني کي منافعي سميت 20 لک رپيا شهري کي واپس ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری