اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي، ته رياست ۽ عوام وچ ۾ اهڙي سماجي معاهدي تي يقين رکون ٿا، جتي حقن جو تحفظ هجي، جمهوريت ئي پارليامينٽ جي مض??وطي جي ضامن آهي، هر ذميوار معاشري وانگر اسان به پنهنجي شهرين جي ڀلائي چاهيون ٿا، آمريڪا سان تعميري، اثرائتي ۽ ڊگهي مدي واري شراڪتداري چاهيون ٿا، موسمياتي تبديلين جي ناڪاري اثرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ آمريڪا سان ويجهو سهڪار آهي، پاڪستاني عوام باصلاحيت ??هي ۽ موجوده بحرانن تي ضابطو آڻڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي. اهڙن خيالن جو هن هارورڊ يونيورسٽي جي شاگردن سان ملاقات ۽ سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو. نگران وزيراعظم هارورڊ يونيورسٽي جي شاگردن جي وزيراعظم آفيس آمد تي آجيان ڪئي. هن آمريڪي معاشري طرفان حاصل ڪيل اڳڀرائي کي ساراهيندي چيو ته آمريڪي معاشري ۾ تنوع ٻين ملڪن لاءِ هڪ مثال آهي، گذريل 200 سالن ۾ آمريڪا زبردست ترقي ڪئي آهي، ان جو معاشرو روادار ??هي ۽ آمريڪا علم ۽ هنر جي ميدان ۾ جيڪي ڪجهه حاصل ڪيو آهي، اهو حيرت انگيز آهي. هن چيو ته ٻين ملڪن کي پنهنجي مفادن لاءِ ان مان سبق سکڻ گهرجي، ضروري ناهي ته آمريڪا سان هر معاملي تي اتفاق ٿئي. هن چيو ته پ??ڪستان موسمياتي تبديلين جي تباهي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو ??هي جيڪو هڪ عالمي مسئلو آهي. هن چيو ته سموري دنيا آمريڪا کي هڪ وڏي طاقت طور ڏسي ٿي، جڏهن ته گڏ ئي اها اميد رکي ٿي ته هو پاڻ کي گرين پاور ۾ تبديل ڪندو. گذريل سال بلوچستان ۽ سنڌ ۾ موسمياتي تبديلي جي ناڪاري اثرن سبب ٻوڏ تمام وڏي تباهي ڪئي. هن چيو ته پ??ڪستاني ڊاڪٽر آمريڪي معاشري ۾ اسان جي سڃاڻپ آهن. نگران وزيراعظم چيو ته ضروري ??هي ته اسان جا نوجوان جتي به وڃن ڪامياب ٿين، پاڪستاني عوام تمام گهڻي باصلاحيت آهي. هن چيو ته پ??ڪستان قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، حڪومت هاءِ ٽيڪ، تعليم يافته ۽ هنرمند انساني وسيلا پيدا ڪرڻ تي توجهه ڏئي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت جي تبديلي آئيني طريقي سان عمل ۾ آئي ۽ جمهوريت ئي پارليامينٽ جي مض??وطي جي ضمانت آهي. جمهوريت ۽ عددي بنيادن تي آمريت ۾ فرق ڄاڻڻ تمام صروري آهي، اسان جي پاڙيسري ملڪن ۾ به جمهوريت جي نالي تي اهو ئي ڪجهه ٿي رهيو آهي، جمهوري معاشري ۾ هر فرد جي حقن جو تحفظ ضروري هوندو آهي. آمريڪا ۽ يورپي ملڪن ۾ جيڪا به قيادت چونڊجي ايندي ??هي اها معاشري لاءِ هاڪاري ڪردار ادا ڪندي آهي. هن چيو ته نگران حڪومت پنهنجي مختصر آئيني مدي دوران خرچن ۾ گهٽتائي، ٽئڪس اوڳاڙين ۾ اضافي ۽ انساني وسيلن جي ترقي تي ڀرپور توجهه ڏيندي، پاڪستان ۾ اٽڪل 9 سيڪڙو آبادي پنهنجي ٽئڪسن مان جي ڊي پي ۾ حصو وجهي رهي آهي. نگران حڪومت جي مختصر دور ۾ غيردستاويزي معيشت، ماڻهن کي ٽئڪس نيٽ ۾ ڪيئن آندو وڃي ۽ انساني وسيلن ۾ ??يڙ??ڪاري ڪيئن ڪئي وڃي ان تي ڀرپور توجهه ڏيندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن اڳوڻي سوويت يونين ۽ افغانستان جنگ ۽ ان کان پوءِ خطي ۾ پيش آيل واقعن دوران پاڪستان جي ڪردار جي وضاحت ڪئي. هن چيو ته پ??ڪستان عالمي امن ۽ معيشت ۾ تمام گهڻو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن ماضي ۾ دنيا جي ٻن طاقتن آمريڪا ۽ روس وچ ۾ ڪيترين ئي چئلينجز کي منهن ڏنو. نگران وزيراعظم پاڪستان جي تاريخ ۽ قيام پاڪستان تي به خيالن جو اظهار ڪيو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جمهوريت پارليامينٽ کي تقويت بخشي ۽ پاڪستان ۾ گذريل 15 سالن کان لڳاتار 3 جمهوري حڪومتن پنهنجو مدو پورو ڪيو. نگران وزيراعظم سماجي نظم و ضبط جي تسلسل ۽ قانون جي حڪمراني کي برقرار رکڻ جي اهميت تي به زور ڀريو. هن چيو ته پ??ڪستان مختلف معاملن تي آمريڪا سان هاڪاري انداز ۾ مصروف عمل رهيو آهي. هن چيو ته مختلف عالمي مسئلن تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ اختلاف ۽ اتفاق به ٿيو.
هر ذميوار معاشري وانگر اسان به شهرين جي ڀلائي چاهيون ٿا، آمريڪا سان تعميري، مثبت ۽ ڊگهي مدي واري شراڪتداري جا خواهشمند آهيون: نگران وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب