پشاور – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ هنگو دهشتگرد حملي ۾ دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندڙ خيبرپختونخواهه پوليس جي سپاهي عمر سعيد کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته اسان جي پوليس ملڪ دشمن عنصرن جي ڪڌي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ هر وقت تيار آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وز??راعظم هنگو حملي دوران فائرنگ جو مقابلو ڪندڙ صوابي س??ن تعلق رکندڙ جوان کي بهادري تي شاباس ڏني. نگران وز??راعظم حوصلا افزائي طور عمر سعيد کي 5 لک جو انعام پڻ ڏنو. هن چ??و ته عمر سعيد جهڙا بهادر جوان اسان جي قوم جي هڪ مضبوط ديوار وانگر حفاظت ڪري رهيا آهن. نگران وز??راعظم چيو ته اسان جي پوليس ملڪ دشمن عنصرن جي ڪڌي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ هر وقت تيار آهي، اسان جي پوليس مشڪل ترين حالتن ۾ به هر موقعي تي ملڪ دشمن عنصرن جي خلاف شيهي جي ديوار جو ڪم ڪيو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاران بهادر پوليس سپاهي عمر سعيد کي خراج تحسين پيش، 5 لک جو انعام ڏنو
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار