اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ صوبن کي هدايت ڪئي آهي ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام کي منتقل ڪرڻ جي لاءِ پرائ??س ڪنٽرول مڪينزم کي فعال ڪيو وڃي. پ??هن??ي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ٻارڻ جي قيمتن ۾ خاطرخواهه گهٽتائي جي ڏس ۾ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي لاڳاپيل عملدارن کي پرائ??س ڪنٽرول جي سخت طريقيڪار کي فعال ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن سمورن وڏن وزيرن کي چيو ته اهي ان ڳا??هه کي يقيني بڻائين ته ضروري شين ۽ خدمتن جون قيمتون اهڙي طرح گهٽ ڪيون وڃن، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو پاڪستاني عوام کي منتقل ڪرڻ طرف سموريون ڪوششون ڪيون وڃن ۽ ان تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری