ڪوئيٽا-19 آڪٽوبر (اي پي پي) بلوچستان جي نگران وڏي وزير مير علي مردان خان ڊومڪي سان تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي ملاقات ڪئي ۽ وفاقي حڪومت جي تعاون سان بلوچستان جي تعليمي ۽ فني تعليم جي مخصوص ادارن ۾ جاري پروگرامن جي باري ۾ آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ناڻي ۽ روينيو وارو نگران صوبا??ي وزير امجد رشيد ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. مير علي مردان خان ڊومڪي تعليم واري وفاقي وزير طرفان ص??بي ۾ جاري منصوبن کي ساراهيو، هن چيو ته وفاقي حڪومت جي تعاون سان بلوچستان ۾ جديد فني تعليم جي ادارن کي فعال ڪنداسين، ان مقصد لا??ِ عالمي ۽ قومي مارڪيٽ جي گهرج ??وج?? تربيت يافته افرادي قوت پيدا ڪرڻ لا??ِ ص??بي ۾ ادارن جي صلاحيت وڌا??ي ويندي ۽ فني تربيت جي فراهمي لا??ِ قائم ادارن کي فعال بڻايو پيو وڃي، نگران وڏي وزير چيو ته موجوده دور جي گهرجن ??وج?? فني تعليمي ادارن جي معيار کي ڀروسي جوڳو بڻائي انهن جي ساک بهتر بڻا??ي وڃي ته جيئن لاڀائتا نتيجا حاصل ٿي سگهن. مير علي مردان ڊومڪي نگران وفاقي وزير کي صوبائي حڪومت طرفان هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائيندي چيو ته بلوچستان سميت سڄي ملڪ ۾ تعليم جي بهتري ۽ فني تعليم کي هٿي وٺرائڻ لا??ِ وارا قدم ساراهه جوڳا آهن، وفاقي وزير مدد علي سنڌي ٻڌايو ته وفاقي ادارن جي انت??ام?? معاملن ۾ بلوچستان سميت سمورن صوبن جي نمائندي يقيني بڻا??ي ويندي، نرسنگ ۽ ڪلچر لا??ِ بلوچستان لا??ِ 117 ملين روپيا رکيا ويا آهن اهي وظيفا ميرٽ تي ورهايا ويندا. هن چيو ته بلوچستان جي يونيورسٽين کي درپيش مسئلن جي حل لا??ِ هائير ايجوڪيشن ڪميشن سان نتيجا ڏيندڙ ڳالهه ٻولهه ڪ??ي ويندي ۽ يونيورسٽين جا جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. هن چيو ته بلوچستان سميت چئني صوبن جي نگران وزيرن تي ٻڌل اعليٰ سطحي ڪميٽي تعليم ۽ فني تربيت بابت معاملن کي لاڀائتو بڻائيندي ۽ گڏيل مشاورت سان پاڪستان جي تعليمي نظام کي هڪ اهڙي رخ طرف وٺي ويندا جتي نوجوانن جي بهتر مستقبل جي ضمانت ثابت ٿئي، ان موقعي تي نگران وڏي وزير، نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي کي سوينئر پيش ڪيو جڏهن ته وفاقي وزير پنهنجي ڪتابن جو تحفو وڏي وزير کي پيش ڪيو.
بلوچستان جي نگران وڏي وزير مير علي مردان خان ڊومڪي سان تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا