اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستاني يونيورسٽين ۽ رهوڊز ٽرسٽ جي وچ ۾ تع??لمي رابطن ۽ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته تع??يمي سفر ۾ شاگردن جي رهنمائي سان انهن جي صلاحيتن کي پوري طرح سان نکارڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رهوڊز ٽرسٽ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين وسيم سجاد ۽ رهوڊز ٽرسٽ برطانيا جي سي اي او اليزابيٿ ڪِس جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستاني يونيورسٽين ۽ رهوڊز ٽرسٽ جي وچ ۾ تع??يمي رابطن ۽ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستاني يونيورسٽين کي ناليوارين يونيورسٽين خاص طور تي آڪسفورڊ يونيورسٽي سان لاڳاپا وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. هن چ??و ته رهوڊز ٽرسٽ پاران پاڪستان قائم ٿيڻ کان پاڪستاني شاگردن کي تع??يمي وظيفا فراهم ڪرڻ خوش آئنده آهي، رهوڊز ٽرسٽ پاران پاڪستاني شاگردن کي انهن جي تع??يمي سفر ۾ معاونت ۽ مشاورت ڪرڻ ساراهه جوڳي آهي. صدر چيو ته تع??يمي سفر ۾ شاگردن کي مشاورت ڏيڻ سان انهن جي صلاحيتن کي پوري طرح نکارڻ ۾ مدد ملندي. رهوڊز ٽرسٽ جي سي اي او صدر کي تع??يمي شعبي ۽ پاڪستاني شاگردن جي وظيفن جي فراهمي ۾ ٽرسٽ جي ڪردار بابت ٻڌايو. هن چ??و ته پاڪستاني يونيورسٽين ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ جا خواهشمند آهيون، ٻاهرئين ملڪ تع??يم حاصل ڪري معاشري ۾ بهتري آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سياست، قانون، سائنس، فنون لطيفه ۽ سرڪاري شعبي ۾ ڪيترائي پاڪستاني رهوڊز اسڪالرشپ حاصل ڪري چڪا آهن. سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ۽ اڳوڻي وقتي صدر وسيم سجاد، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج بابر ستار ۽ شاهد جاويد برڪي سميت ناليواريون پاڪستاني شخصيتون رهوڊز اسڪالرشپ مان فائدو کڻي چڪيون آهن.
تعليمي سفر ۾ شاگردن جي رهنمائي سان انهن جي صلاحيتن کي پوري طرح سان نکارڻ ۾ مدد ملندي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II