اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي روس سان ٻطرفا واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جا تمام گه??ا موقعا موجود آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ روس جي عهدو ڇڏيندڙ سفير ڊانيلا گاينچ سان ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان روس سان ڊگهي مدي ۽ گه?? رخي حصيداري جو ??وا??شمند آهي، پاڪستان روس سان واپار، معيشت، خوراڪ جي تحفظ، توانائي، دفاع ۽ عوامي رابطن سميت سمورن شعبن ۾ تعاون چاهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان روس سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گه??ي اهميت ڏي ٿو. صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ننڍي مدي وارن فورمز تي تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪ روس لاڳاپا گڏيل قومن جي مرڪزيت ۽ اصولن تي ٻڌل عالمي نظام جي گڏيل موقف تي ٻڌل آهن. صدر غزه جي صورتحال، فلسطي??ي عوام تي اسرائيلي ظلمن تي روشني وجهندي عورتن، ٻارن، صحافين سميت هزارين فلسطينين جي قتل جي مذمت ڪئي. صدر پاڪستان سان ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ سفير جي ڪردا?? کي ساراهيو. صدر روسي سفير جي مستقبل جي لاءِ نيڪ ??وا??شن جو اظهار پڻ ڪيو.
پاڪستان ۽ روس ۾ واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ