اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي 2024ع جي عام چونڊن جي ڪامياب انعقاد تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته چونڊن ۾ عوام جي ??ڏي انگ ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ اسان جي جمهوريت جي ??ضبوطي جو ثبوت آهي، سڄي پاڪستان مان عوام وڏي انگ ۾ چونڊ عمل ۾ حصو ورتو ۽ جمهوريت سان پنهنجي ??ابستگي، قومي ذميواري ۽ پنهنجي ??وٽ جي طاقت تي يقين جو اظهار ڪي?? آهي. 2024ع جي عام چونڊن جي ڪامياب انعقاد تي نگران حڪومت پاران پاليسي بيان ڏيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته اڄ قوم اسان جي جمهوري سفر ۾ هڪ ٻي تاريخ لکي آهي، سڄي پاڪستان مان عوام وڏي انگ ۾ چونڊ عمل ۾ حصو ورتو ۽ جمهوريت سان پنهنجي ??ابستگي، پنهنجي ??ومي ذميواري ۽ ووٽ جي طاقت تي يقين جو مظاهرو ڪي??. هن چيو ته عوام جي ??ڏي انگ ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ نه رڳو اسان جي جمهوريت جي ??ضبوطي جو ثبوت آهي پر اهو اسان جي ??لڪي تاريخ ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته چونڊن جو پرامن انعقاد سمورين ڌرين جي گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهي، آئون انهن سمورن ماڻهن جي تمام گهڻو ٿورائتو آهيان جن ان جمهوري مشق ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪي?? آهي. هن عالمي ميڊيا، مبصرن، مقامي ميڊيا ۽ فيلڊ ۾ موجود صحافين جا پڻ خصوصي ٿورا مڃيندي چيو ته توهان جي ??وجودگي ۽ ڪوريج عالمي سطح تي اسان جي چونڊ عمل جي سالميت تي روشني وجهندي شفافيت ۽ اعتبار کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. هن هٿياربند فوج، سول آرمڊ فورسز، قانون لاڳو ??ند?? ادار?? ۽ ??ول انتظاميا جا پڻ ٿورا مڃيندي چيو ته هن چونڊ عمل دوران محفوظ ۽ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ ۾ اڻٿڪ عزم ۽ محنت سان ڪم ڪي??، انهن جي ??گن ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته پولنگ جو عمل خيرخُوبي سان ۽ ڪنهن وڏي افسوسناڪ واقعي کانسواءِ سرانجام ڏنو ويو جنهن سان هر شهري کي ام?? ۽ ??لامتي سان پنهنجي ??وٽ جو حق استعمال ڪرڻ جو موقعو مليو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي مثالي طرز عمل ۽ چونڊ عمل جي انتظام تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته جمهوري قدرن کي برقرار رکڻ ۽ آزاداڻي، منصفاڻي چونڊن کي يقيني بڻائڻ جي ??اءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي اڻٿڪ ڪوشش ۽ لڳاءُ ساراهه جوڳو آهي. اليڪشن ڪميشن پاران پيشيواراڻي مهارت ۽ ديانتداري اسان جي چونڊ عمل ۾ عوام جي اعتماد کي سگهه ڏيڻ ۾ اهميت رکندڙ رهي آهي. نگران وفاقي وزير چيو ته هڪ اهم سنگ ميل حاصل ڪرڻ جي ??ن لمحي ۾ اچو انهن ماڻهن جي ??اءِ دعا جي ??اءِ هٿ کڻون جيڪي اڄ دهشتگردي جي ??اقعن جو شڪار ٿيا، الله تعاليٰ مرحومن جي روحن کي ابدي سڪون عطا ف??ما??ي ۽ قوم متحد ٿي انهن جي ??ازوال قربانين مان ثمر کڻي سگهي. هن چيو ته اچو اسان سڀ پنهنجي جمهوري ادارن جي حمايت ۽ استحڪام جاري رکڻ جو وچن ڪريون. اسان گڏجي ??ستقبل جي ??سلن جي ??اءِ هڪ مضبوط، وڌيڪ خوشحال ۽ جمهوري پاڪستان ٺاهينداسين.
چونڊن ۾ عوام جي وڏي انگ ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ اسان جي جمهوريت جي مضبوطي جو ثبوت آهي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں