اسلام آباد – 12 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي آءِ ٽي رو??نگي واپار وڌائڻ جي لاءِ ٺوس روڊ ميپ ٺاهڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ اربين ڊالر جي آءِ ٽي رو??نگي واپار جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا، نوجوانن کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ تعليم ۽ هنر ۽ اسٽارٽ اپس کي گهربل سهولتون فراهم ڪيون وينديون. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ آءِ ٽي شعبي جي حوالي سا?? اعليٰ سطحي جائزه اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اقتصادي معاملن ۽ اسٽيبلشمينٽ واري وفاقي وزير احد خان چيما، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شيزه فاطمه خواجه، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد، شهزاد سليم ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ اربين ڊالر جي آءِ ٽي رو??نگي واپار جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا. نوجوانن کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ تعليم ۽ هنر ۽ اسٽارٽ اپس کي گهربل سهولتون فراهم ڪنداسين. گذريل حڪومت جي دور ۾ آءِ ٽي جي صنعت جي لاءِ جن منصوبن جي شروعات ڪئي انهن جا مثبت نتيجا اچي رهيا آهن. اسٽارٽ اپس، فري لانسرز ۽ آءِ ٽي ڪمپنين جا بئنڪنگ سا?? لاڳاپيل سمورا مسئلا حل ڪيا. هن چيو ته هلندڙ سا?? آءِ ٽي رو??نگي واپار جو متوقع ڪاٿو 3 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهي، جيڪو خوش آئنده آهي پر اسان کي ان ۾ اضافو ڪرڻو آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز جي حوالي سا?? پڻ هڪ ٺوس رپورٽ جوڙي پيش ڪئي وڃي. پاڪستان جي آءِ ٽي جي شعبي کي عالمي معيار تي آڻڻ جي لاءِ تمام گهڻي محنت ڪرڻي پوندي. اجلاس کي ملڪ ۾ آءِ ٽي شعبي جي حوالي سا?? تفصلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي جون 2023ع ۾ وزيراعظم پاران ڏنل 5 ارب جي آءِ ٽي پئڪيج تي اڳڀرائي بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل حڪومت جي دور ۾ وزيراعظم جي خصوصي ڌيان جي ڪري آءِ ٽي شعبي جي رو??نگي واپار ۾ گذريل سا?? جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سا?? جي پهرين 7 مهينن ۾ 13 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ڊيجي – اسڪلز پروگرام تحت هن وقت 17 بيچز ۾ اٽڪل 40 لک شاگردن ۽ شاگردياڻين کي آءِ ٽي جي ٽريننگ ڏني وئي آهي جنهن ۾ 28 سيڪڙو انگ عورتن جو آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته فري لانسرز جي انگ جي حوالي سا?? پاڪستان دنيا جو ٻيو وڏو ملڪ آهي. پاڪستان پنهنجون آءِ ٽي مصنوعات 170 ملڪن کي برآمد ڪري ٿو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل سا??، پاڪستاني اسٽارٽ اپس ۾ 400 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري ٿي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پاڪستان جي آءِ ٽي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ رو??نگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ سمورا ضروري قانوني پاليسي قدم کنيا وڃن. وزيراعظم چيو ته آءِ ٽي سيڪٽر جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ نوجوانن جي پيشيواراڻي ۽ فني تربيت جي منصوبن تي ڪم تيز ڪيو وڃي. اجلاس کي آءِ ٽي، اي رو??گار، اسٽارٽ اپس، سائبر سيڪيورٽي، ٽيلي ڪام سيڪٽر ۽ ملڪ ۾ فائيو جي جاري ڪرڻ تي اڳڀرائي ۽ قدمن بابت آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ملڪي آءِ ٽي رو??نگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ هڪ واضح روڊ ميپ ٺاهي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
ملڪي آءِ ٽي روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ ٺوس روڊ ميپ ٺاهڻ جي جي ضرورت آهي، ملڪ ۾ اربين ڊالر جي آءِ ٽي روانگي واپار جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : bolão lotomania