اسلام آباد– 03 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ گڏيل عرب امارات جي ترقي ۽ تبديلي جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي قيادت جي ويزن ۽ ڪوششن کي سار??هي??دي چيو آهي ته پاڪستان جي عوام گڏيل عرب امارات کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهي ٿي، وزيراعظم ش??با?? شريف جي ويزن موجب يو اي اي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ واپاري ۽ ڪاروباري رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جا خواهشمند آهيون. هو گڏيل عرب امارات جي سفير حماد عبيد ابر??هي?? سالم الزابي سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ تع??ون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. گڏيل عرب امارات جي سفير بشام ۾ دهشتگردي جي واقعي جي مذمت ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ گڏيل ويزن ۽ گهڻ رخي تع??ون تي ٻڌل لاڳاپا قائم آهن. پاڪستان جي عوام گڏيل عرب امارات کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهي ٿي. هن چيو ته ايمرٽس ايئرلائين جي پهرين اڏام پي آءِ اي جي پائليٽ اڏائي جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تع??ون جو اعليٰ مثال آهي. وفاقي وزير چيو ته مرحوم شيخ زيد جا پاڪستان جي قيادت ۽ عوام سان انتهائي ويجها لاڳاپا هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير يو اي اي جي سفير کي حڪومت جي معاشي قدمن کان آگاهه ڪندي چيو ته ايف بي آر ۾ ٽيڪس سڌارا آندا پيا وڃن، جڏهن ته معاشي شعبي ۾ ڊيجيٽلائيزيشن لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته وزيراعظم ش??با?? شريف جي ويزن موجب واپار ۽ ڪاروباري رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير معيشت جي بهتري لاءِ گڏيل روڊ ميپ ٺاهڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. يو اي اي جي سفير حماد عبيد ابر??هي?? الزابي چيو ته ٻنهي ملڪن جي قيادت جي ويزن موجب ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي يقين رکون ٿا. يو اي اي سدائين مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي. پاڪستان جي معاشي ترقي جي لاءِ ساڻس گڏ آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير گڏيل عرب امارات جي ترقي ۽ تبديلي جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي قيادت جي ويزن ۽ ڪوششن کي سار??هي??.
پاڪستان جي عوام گڏيل عرب امارات کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهي ٿي: وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا