واشنگٽن -16 اپريل (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي، ته اقتص??دي سڌارن جي پروگرام ۾ معاونت لاءِ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان ڪيترن ئي اربين ??ال??ن جي نئين قرض جي معاهدي تي ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن. واپاري جنگ ۾ پا??ستان لاء?? ويٽنام جهڙو ڪردار ادا ڪرڻ ۽ آمريڪا کي پنهنجي ايڪسپورٽ ۾ واڌ ڪرڻ جو هڪ سٺو موقعو مليو آهي. اهڙو اظهار هن واشنگٽن جي دوري دوران فرانس جي خابرو ايجنسي کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو. هن چيو ته هن وقت اڳ کان موجود 3 ارب ??ال??ن جي ماليت جي اسٽينڊ باءِ معاهدي تحت پروگرام ختم ٿيڻ جي ويجهو آهي ۽ ان معاهدي جي 1.1 ارب ??ال??ن جي حتمي قسط جو هن مهيني جي آخر ۾ منظور ٿيڻ جو امڪان آهي. ناڻي واري وزير چيو ته پا??ستان ڪيترن ئي اربين ??ال??ن جي ماليت جي قرض پروگرام جي حوالي سان آءِ ايم ايف سان ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن. جيڪي ڪيترن ئي سالن تي ٻڌل هونديون. هن چيو ته گذريل سال جي ابتڙ هن سال پا??ستان جي معيشت جي شروعات سٺي ٿي آهي، آءِ ايم ايف سان نئين پروگرام جي امڪانن سان ئي مارڪيٽ جي اعتماد ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي. هن چيو ته پا??ستان آءِ ايم ايف سان گهٽ ۾ گهٽ 3 سالن جي پروگرام لاءِ رابطو ڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته اسان کي ڍانچي وار سڌارن جي ايجنڊا کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ ان پروگرام جي ضرورت آهي. هن چيو ته مئي جي ٻئي يا ٽين هفتي تائين آءِ ايم ايف پروگرام بابت بني??دي معاملن کي طئي ڪرڻ تائين پهچي وينداسين. ناڻي واري وزير چيو ته آمريڪا پا??ستان جو وڏو واپاري ڀائيوار آهي، آمريڪا هميشه خاص طور تي سيڙپڪاري جي حوالي سان پا??ستان جي مدد ڪئي آهي. چين پا??ستان اقتص??دي راهداري جو ذڪر ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته ان تحت چين بني??دي ڍانچي کي ترقي ڏيارڻ لاءِ وسيع سيڙپڪاري ڪئي آهي. هن چيو ته واپاري جنگ ۾ پا??ستان لاء?? ويٽنام جهڙو ڪردار ادا ڪرڻ ۽ پنهنجي ايڪسپورٽ ۾ واڌ جو هڪ سٺو موقعو آهي، رياستي ملڪيتي ادارن ۾ سڌارن ۽ نجڪاري پروگرام جي سوال تي هن چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري جي حوالي سان اسان ايندڙ مهيني يا ان کان ڪجهه وڌيڪ عرصي ۾ امڪاني واڪ ڏيندڙن جي دلچسپي جي حوالي سان معلومات ملي ويندي ۽ اسان جي خواهش آهي ته ان عمل کي جون جي آخر تائين مڪمل ڪيو وڃي. ايندڙ ٻن سالن ۾ نجڪاري جي پروگرام ۾ تيزي آڻينداسين. واضح رهي ته ناڻي وارو وزير آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ جي سالياني اجلاس جي موقعي تي آمريڪا جي دوري تي آهي.
اقتصادي سڌارن جي پروگرام ۾ معاونت لاءِ آءِ ايم ايف سان اربين ڊالرن جي نئين قرض جي معاهدي تي ڳالهيون شروع ڪيون آهن: ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II