اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي کي وزيراع??م هائوس پُهچڻ تي هٿياربند فوج جي دستي معزز مهمان کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. وزيراع??م هائوس ۾ ايراني صدر جي اچڻ تي باضابط آجياڻي واري تقريب ٿي. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر جي شاندار آج??ان ڪئي جنهن کانپوءِ کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. ايراني صدر گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا پڻ وڄايا ويا. وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جو ايران جي صدر سان تعارف ڪرايو ويو. ايراني صدر پنهنجي وفد جي ميمبرن کي پڻ وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سان متعارف ڪرايو. ايراني صدر ۽ وزيرا??ظم محمد شهباز شريف “ڌرتيءَ جي ڏينهن” جي مناسبت سان ٻوٽو پڻ هنيو.
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش