رياض – 29 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، لائيو اسٽاڪ ۽ واپار جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم جي وچ ۾ رياض ۾ عالمي اقتصادي فورم جي خصوصي اجلاس جي م??قعي تي م??اقات ٿي. وزيراعظم شهباز شريف جي ٻيهر چونڊجڻ کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ اها پهرين ملاقات هئي جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ 4 مارچ 2024ع تي وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ ۽ 10 اپريل 2024ع تي عيدالفطر جي م??قعي تي ٽيليفونڪ رابطو ٿي چڪو آهي. وزيراعظم ملائيشيا جي وزيراعظم جي قيادت کي ساراهيندي فن ۽ ادب خاص طور تي پاڪست??ن جي قومي شاعر علامه اقبال بابت سندس علم کي ساراهيو. ملائيشيا جي وزيراعظم ڪجهه جُملا اردو ۾ ادا ڪيا ۽ پاڪست??ن جي تعليمي ادارن جو ذڪر ڪيو جتي ماضي ۾ ملائيشيا جا شاگرد ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ جي تعليم حاصل ڪندا هئا. ٻنهي طرفن کان لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ٿيو ۽ غيرمعمولي گرمجوشي ڏسڻ ۾ آئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، لائيو اسٽاڪ ۽ واپار جي شعبن ۾ تاريخي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي مستقبل ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو عزم ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف ملائيشيا جي واپاري ۽ ڪاروباري وفدن کي پاڪست??ن جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني ته جيئن ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪري سگهجي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل ??زا??تي ڪميشن جو ايندڙ اجلاس جلد اسلام آباد ۾ منعقد ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. وزيراعظم ملائيشين وزيراعظم انور ابراهيم کي پاڪست??ن جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم سان مُلاقات، پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، لائيو اسٽاڪ ۽ واپار جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری