اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اڄ اسان صحافت جي آزادي جو ڏينهن هڪ اهڙو ماحول جوڙڻ جي عزم سان ملهائي رهيا آهيون جتي ميڊيا نه رڳو خودمختيار ۽ اُسرند?? هجي پر اسان جي آئين ۾ لکيل آزادين سان ذميواري سان لطف اندوز ٿي سگهي، هي ڏينهن اسان کي پنهنجي ملڪ ۾ صحافت جي آزادي جي صورتحال تي غور ??رڻ ۽ صحافين جي لاءِ هڪ محفوظ ۽ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ??رڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو. صدر صحافت جي آزادي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اسان سمجهون ٿا ته هڪ آزاد پريس عالمي اهميت جي م??ئل?? کي اجاگر ڪرڻ، جعلي خبرون ۽ الزام ختم ??رڻ ۽ معاشري پاران هڪ نگران جي طور تي ڪم ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي، عالمي ڳڻتي جي م??ئل?? بشمول موسمياتي تبديلي، گرين ٽيڪنالاجيز، آلودگي ۽ گلوبل وارمنگ بابت آگاهي پيدا ??رڻ ۾ پڻ ميڊيا جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته هن سال صحافت جي آزادي جي عالمي ڏينهن جو عنوان ”سياري جي لاءِ پريس: ماحولياتي بحران کي منهن ڏيندڙ صحافت“ موسمياتي تبديلين ۽ ان جي انساني زندگي ۽ ماحول تي اثرن بابت آگاهي پيدا ??رڻ ۽ ماڻهن کي تعليم ڏي?? ۾ ??زاد صحافت جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو، اسان سمجهون ٿا ته ميڊيا اسان جي ماحولياتي نظام تي موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ٻيلن جي فروغ، صاف ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ، ڪاربن اخراج گهٽ ??رڻ ۽ حياتياتي تنوع جي تحفظ جي ذريعي ماڻهن کي ماحول جي تحفظ جي ترغيب ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، هن سال جو عنوان ان ڳالهه تي پڻ روشني وجهي ٿو ته هڪ آزاد ۽ ذميوار پريس کي موسمياتي تبديلي بابت گمراهه ڪندڙ معلومات جي خلاف هر اول دستي جي طور تي ڪم ??رڻ گهرجي. هن چيو ته صحافت جي آزادي جو عالمي ڏينهن ان ڳالهه جي ياد به ڏياري ٿو ته سڄي دنيا ۾ صحافين کي پنهنجو ڪم ??رڻ ۾ چئلينجز درپيش آهن، اسان کي صحافين کي ڊپ، خوف يا هراسمينٽ کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهي آزاداڻي طور تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري سگهن، ان لاءِ ضروري آهي ته صحافين جي سيڪيورٽي ۽ سلامتي جي لاءِ قدم کنيا وڃن جنهن سان اهي بنا ڪنهن خوف ۽ خطري جي اسان جي م??ئل?? تي آزاداڻي رپورٽنگ ڪري سگهن، پاڪستان جو آئين صحافت جي آزادي جي ضمانت ڏي ٿو جڏهن ته اها ميڊيا جي به ذميواري آهي ته اها صحافتي اخلاقيات جي پابندي ڪري ۽ قومي مفاد کي نظر ۾ رکندي ذميواراڻي ۽ صحيح رپورٽنگ ڪري، ميڊيا کي جعلي خبرن جي خاتمي ۽ اخلاقي قدرن جي فروغ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ??رڻ گهرجي. صدر آصف علي زرداري چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان دنيا ۾ جمهوري قدرن کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ سماجي ۽ اقتصادي اهميت جي م??ئل??، خاص طور تي موسمياتي تبديلي ۽ گلوبل وارمنگ بابت بيداري پيدا ??رڻ ۾ پڻ ميڊيا جي ساراهه جوڳي ڪردار کي تسليم ڪريون ٿا، مون کي اميد آهي ته ميڊيا عالمي ڳڻتي جي م??ئل?? بابت بيداري پيدا ڪر?? ۾ ??عميري ڪردار ادا ڪندي رهندي، مون کي يقين آهي ته اسان جي ڌرتيءَ کي موسمياتي تبديلي جي خطري کان بچائڻ جي لاءِ ميڊيا پاران انهن م??ئل?? جي وڪالت جي ڪري عالمي سطح تي تحريڪ پيدا ٿيندي.
صحافت جي آزادي جو ڏينهن ملڪ ۾ صحافت جي آزادي جي صورتحال تي غور ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری