اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) پاڪستان غزه ۾ جاري ??سر??ئيلي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ??يو آهي ته والاريل فلسطيني ??لائقي ۾ ٻارن ۽ عورتن سميت معصوم شهرين کي نشانو بڻايو پيو وڃي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ رفح ڪراسنگ تي حملي ۽ گهيراءُ جي مذمت ڪندي ??يو ته ??سر??ئيل کي عالمي انساني قانون جي پاسداري ڪرڻ گهرجي. ??سر??ئيل پنهنجي تازه ڪاررواين مان ثابت ڪيو آهي ته هو عالمي انساني ??قن جي قانونن جي خلاف ورزي ۽ غزه ۾ نسل ڪشيءَ جو مرڪتب ٿي رهيو آهي. هن فوري جنگبندي، غزه جو گهيراءُ ختم ڪرڻ ۽ غزه جي محصور ماڻهن جي لاءِ بنا روڪ ٽوڪ انساني ??مداد تائين پهچ ڏيڻ تي زور ڏنو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??يو ته ڪيترن ئي مهينن کان فلسطينين تي ??سر??ئيلي جارحيت ڪئي پئي وڃي، فلسطينين تي ظلم ۽ ڏاڍ ختم ٿيڻ ??هرجي ۽ عالمي ادارن کي فلسطينين تي جاري ڏاڍ جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. ترجمان ??يو ته پاڪستان عالمي سطح ۽ فورمز تي غزه ۾ جاري ظلمن ۽ غزه ۾ ٻارن ۽ عورتن تي ظلمن جي مذمت ڪئي آهي. هن پاڪستان جي ان اصولي موقف هڪ ڀيرو ٻيهر ورجاءُ ڪيو ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. هن ??يو ته ڪشمير هڪ عالمي مسئلو آهي جنهن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ٿيڻ ??هرجي. ترجمان گيمبيا ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي پڌرنامي ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار بابت او آءِ سي جي موقف کي ساراهيندي ??يو ته اجلاس ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي ڀرپور حمايت ڪئي.
پاڪستان پاران غزه ۾ جاري اسرائيلي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت
مضمون کا ماخذ : پاور بال