اسلام آباد-11 مئي(اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ت?? پاڪستان ۾ زراعت، غذائي تحفظ،انفارميشن ٽيڪنالوجي،سياحت ۽ کاڻيون کوٽڻ سميت ٻين شعبن ۾ بي پناه ڪارڪردگي موجود آهي، وزير اعظم آفيس ميڊيا ونگ جي جاري ڪيل بيان موجب وزير اعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ مقرر برطانوي هاءِ ڪمشنز ??ين ميريٽ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اڪنامڪس اينڊ ايويليو ايشن ڊائريڪٽوريٽ ،فارن ڪامن ويلٿ اينڊ ڊويلپمنٽ آفيس لنڊن جي چيف اڪانومسٽ ۽ ڊائريڪٽر پروفيسر عدنان خان پڻ موجود هو.ان موقعي ت?? ٻه طرفا لڳاپن تي ڳالهيون ڪيو ويون،ملاقات دو??ان وزيراعظم محمد شهباز شريف برطانوي هاءِ ڪمشنر سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا وچ ۾ پراڻا لڳاپا آهن، جيڪي وقت سان گڏ مضبوط ٿي رهيا آهن، پاڪستان برطانيا ۽ ٻين ملڪن ۾ سيڙپڪاري جو خواهشمند آهي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ زراعت، غذائي تحفظ، انفارميشن ٽيڪنالوجي ،سياحت، کاڻيون کوٽڻ سميت ٻين شعبن ۾ بي پناه ڪارڪرگي موجود آهي، هن وڌيڪ چيو ته اسان حڪومتي گورننس جي ڍانچي ۽ اداره جاتي سڌارن طرف گامزن آهيون، جڏهن ته فيڊرل بورڊ آف ريونيو جي ڊيجيٽلائيزيشن حتمي مرحلي ۾ آهي ۽ ملڪي معيشت جي بحالي لاءِ ميڪرو ۽ مائيڪرو اڪنامڪ سطح تي قدم ??نيا پيا وڃن. ان موقعي ت?? برطانوي وفد پاڪستان جي حڪومت پا??ان ??يج??ڪيشن ايمرجنسي جي قدمن جي تعريف ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پڻ موجد هئا.
پاڪستان ۾ زراعت، غذائي تحفظ،انفارميشن ٽيڪنالوجي،سياحت، کاڻيون کوٽڻ سميت ٻين شعبن ۾ بي پناه ڪارڪردگي موجود آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ سان ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena