اسلام آباد – 04 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان غزه جي ميڊيڪ?? جي شاگردن کي پاڪستان ?? ميڊيڪ?? جي تعليم مڪمل ڪرڻ جي اجازت ڏ??ڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اهو فيصلو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي هدايت تي پاڪستان ميڊيڪل ڪاليج اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (پي ايم ڊي سي) ڪيو آهي، ان سان غزه جا شاگرد پاڪستان ۾ انساني همدرديءَ جي بنياد تي پنهنجي طبي تعليم جاري رکي سگهندا. هن چيو ته غزه سان تعلق رکندڙ فلسطيني شاگرد 20 کان 30 جي ب??چن ۾ جلد ئي پاڪستان جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ شامل ٿيندا. ترجمان چيو ته ان فيصلي سان غزه جا شاگرد پاڪستان ۾ ڪارڊيالوجي، آرٿوپيڊڪس، آنڪولوجي، پيڊياٽرڪس ۽ سرجري جي شعبن ۾ پنهنجي طبي تعليم مڪمل ڪري سگهندا ته جيئن غزه جي صحت جي سارسنڀا?? جي نظام ۾ اهم ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي.
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون