اسلام آباد – 29 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري فيڊرل پبلڪ سروس ڪ??يشن سول سروس ۾ ڀرتي جو عمل وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ عورتن ۽ اقليتن جي نمائندگي وڌ??ئڻ جي ضرورت تي ز??ر ڏيندي چيو آ??ي ته موثر ۽ شفاف ڀرتي جي عمل سان اهل ۽ باصلاحيت سرڪاري ملازمن جي چونڊ ۾ مدد ملندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار فيڊرل پبلڪ سروس ڪ??يشن جي سينيئر ميمبر اڪبر حسين دراني جي قيادت ۾ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته ڪميشن تي سرڪاري ملازمن جي ڀرتي جي اهم ذميواري لاڳو آ??ي، ڪميشن ملازمت جي لاءِ صحيح شخص جي چونڊ جي لاءِ جديد طريقيڪار تي غور ڪري. صدر عورتن ۽ اقليتن جي معاشري جي مرڪزي ڌارا ۾ شموليت وڌ??ئڻ تي ز??ر ڏنو ۽ چيو ته سرڪاري نوڪرين ۾ عورتن ۽ اقليتن جي نمائندگي وڌ??ئڻي پوندي. آصف علي زرداري چيو ته جديد ٽيڪنالاجي ۽ نئين طريقن خاص طور تي ڪمپيوٽرائيزڊ ٽيسٽنگ سان ڀرتي جو عمل وڌيڪ موثر ۽ شفاف بڻائڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته لکت واري امتحان ۾ سٺا نمبر حاصل ڪندڙ اميدوارن کي منصفاڻي طور تي جانچيو وڃي. اڪبر حسين دراني صدر کي سرڪاري ملازمن جي ڀرتي ۾ ڪميشن جي ڪردار با??ت آگاهه ڪيو ۽ ڪميشن کي درپيش ڪجهه مسئلن تي پڻ روشني وڌي. صدر وفد کي مسئلن جي حل ۽ ڀرتي جو نظام بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجي تعاون ۽ رهنمائي جو يقين ڏياريو.
فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن وسيلي سول سروس ۾ ڀرتي جو عمل وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ عورتن ۽ اقليتن جي نمائندگي وڌائڻ جي ضرورت آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II