اسلام آباد – 01 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف مهانگائي جي شرح 44 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي اچڻ تي شڪ?? ادا ڪندي چيو آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام جاري ٿيڻ سان معيشت ۾ وڌيڪ استحڪام ايندو. وزيراعظم مهانگائي جي سيپٽمبر مهيني ۾ ساليانو شرح 6.9 سيڪڙو ٿيڻ تي حڪومت جي معاشي ٽيم جي پذيرائي ڪئي آهي. آگسٽ 2024ع ۾ 34 مهينن ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح 9.6 سيڪڙو تي آئي، سيپٽمبر 2024ع ۾ گذريل 44 مهينن ۾ مهانگائي جي گهٽ ترين شرح 6.9 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب الله جي فضل ۽ ڪرم سان عو??م سان ڪيل وچن جي پاسداري ۾ ڪاميابي ملڻ شروع ٿي وئي. وزيراعظم م??مد شهباز شريف چيو ته مهانگائي جي شرح 6.9 سيڪڙو ٿيڻ سان عام م??ڻه?? کي ريليف ملندو، پيٽروليم م??نوعات جي قيمتن ۾ پڻ لاڳيتو گهٽتائي سان عو??م کي ريليف ملي رهيو آهي. هن چيو ته وياج جي شرح گهٽ ٿيڻ سان ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو، مهانگائي جي شرح کي 2025ع تائين 7 سيڪڙو تائين آڻڻ جي هدف جو 2024ع ۾ ئي حاصل ٿيڻ ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته پهرين ڏينهن کان عو??مي ريليف جي لاءِ قدمن کي اولين ترجيح بڻايو، پاڪستان جي ڊيفالٽ جي خواهش ڪندڙن جو منصوبو ناڪام ٿيو، پوري قوم گذريل سالن ۾ هڪ گروهه جي نااهلي جي ڪري مشڪلاتون ڏٺيون، ملڪي معيشت مستحڪم، سفارتي لاڳاپا مضبوط ۽ عام م??ڻه?? جي خوشحالي جو سفر شروع ٿي چڪو آهي، آءِ ايم ايف پروگرام جاري ٿيڻ سان معيشت ۾ وڌيڪ استحڪام ايندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ترقي جو سفر 2018ع ۾ جتي بيٺو هو، اتان ٻيهر شروع ٿي چڪو آهي.
آءِ ايم ايف پروگرام جاري ٿيڻ سان معيشت ۾ وڌيڪ استحڪام ايندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا