اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آھي ته اس??ئيل جي فوج فلسطين گذريل ھڪ سال کان ظلم ۽ بربريت جي انتھا ڪري ڇڏي آھي.سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري ب??ان مطابق سينيٽ چيئرمين چيو آھي ته غزه پٽي ۽ والاريل فلسطيني علائقن ۾ اس??ائيلي فوج طرفان وحشياڻي ب??باري ۽ قبضي کي ھڪ سال مڪمل ٿي ويو آھي. ھن چيو ته پاڪستاني عوام پاران پنھنجي فلسطيني ڀائرن سان يڪجھتي جو اظھار ڪيون ٿا. اس??ائيلي فوج گذريل ھڪ سال کان ظلم ۽ بربريت جي انتھا ڪري ڇڏي آھي. عالمي برادري کي فلسطينين جي حالتن تي ڏيان ڏيڻ ۽ تڪرا?? جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل لاءِ ڪم ڪرڻ جي فوري ضرورت آھي. اس??ائيل طرفان فلسطيني زمين تي ناجائز قبضو عالمي قانون جي کلي?? ڀڃڪڙي آھي. عالمي برادري علائقي ۾ پائيدار امن لاءِ سازگار ماحول کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ ڪم ڪري. سينيٽ چيئرمين چيو ته فلسطيني عوام جي جائز خواھشن کي تسليم ڪيو وڃي.
اسرائيل جي فوج غزه ۾ ظلم ۽ بربريت جي انتھا ڪري ڇڏي آھي: سينيٽ چيئرمين
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی