گڏيل قومون -24 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي ج??رل اسيمبليءَ جو اسرائيل فلسطين جنگ جي حوالي سان اجلاس خميس تي ٿيندو. سعودي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي صدر اهڙو اعلان ميمبر ملڪن جي نالي هڪ خط ۾ ڪيو آهي. سلامتي ??ائونسل هاڻي تائين جنگ بابت ڪنهن ٺهراءَ تي اتفاق ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي پر عرب ۽ ٻين ملڪن جي هڪ گروپ بشمول ار??ن، روس، شام، بنگلاديش، ويٽنام ۽ ڪمبوڊيا جنرل اسيمبلي ج?? صدر ڊينس فرانسس سان گڏجاڻي شيڊول ڪرڻ لاءِ باضابطا طور تي درخواست ڪئي آهي. واضح رهي ته اسرائيل فلسطين تڪرار تي ??ڏيل قومن جي سلامتي ??ائونسل گذريل هفتي هڪ روس جي ٺهراءَ جي مسودي کي رد ڪيو هو جنهن ۾ انساني بنيادن تي ج??گ بندي ج?? مطالبو ڪيو ويو هو. 15 ميمبر ملڪن مان رڳو 5 ان متن جي حمايت ڪئي ج??هن ۾ شهرين خلاف سموري تشدد ۽ دهشتگردي ج?? سمورين ڪارروائين جي مذمت ڪئي وئي هئي، جڏهن ته حماس جو نالو نه ورتو ويو، ان بعد آمريڪا برازيل طرفان پيش ڪيل ٻ??ي ٺهراءَ کي ويٽو ڪري ڇڏيو ڇاڪاڻ ته متن ۾ اسرائيل جي پنهنجي دفاع جي حق جو ذڪر نه هو. ڪائونسل جي 15 مان 12 ميمبرن ان ٺهراءَ جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو جنهن ۾ هماس حملن جي پڻ مذمت ڪئي هئي. جڏهن ته روس ۽ بر??ان??ه ان ۾ حصو ورتو. سلامتي ??ائونسل خميس ڏينهن صبح جو جنرل اسيمبلي ج?? اجلاس کان اڳ اڱاري تي ان مسئلي تي ??الهيون ڪرڻ لاءِ اجلاس به ڪيو.
اسرائيل فلسطين جنگ بابت گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو اجلاس خميس تي ٿيندو
مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina