والاريل بيت المقدس-08 ڊسمبر (اي پي پي) فلسطين آرٽيڪل 99 جي حوالي سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش جي ??دمن جي آجيان ڪندي ان کي غزه جنگ جي خاتمي لاءِ ضروري قرار ڏئي ڇڏيو. العربيه اردو موجب فلسطيني پرڏيه?? وزارت گڏيل قومن جي خلاف اسرائيل طرفان ڪيل سياسي دهشتگردي جي ??ذمت ڪئي ۽ سلامتي ڪائونسل سان پنهنجون ذميوار??ون پور??ون ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. واضح رهي ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل باضابطه طور تي 15 رڪني سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو ته هو غزه ۾ انساني تباهي کي روڪڻ لاءِ پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري. 2017ع ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي طور تي عهدو سنڀالڻ کانپوءِ پهر??ون ڀيرو گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 99 سان رابطو ڪيو آهي، هي آرٽيڪل گڏيل قومن جي اڳواڻ کي ڪنهن به اهڙي مسئلي کي سلامتي ڪائونسل ۾ موڪلڻ جي اجازت ڏي ٿو جنهن سان ان جي خيال ۾ عالمي امن ۽ سلامتي کي خطرو هجي. ٻئي پاسي يورپي يونين جي ??رڏيهي پاليسي جي اهلڪار جوزپ بوريل به ان معاملي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي حمايت ڪئي آهي.
غزه ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي قدمن جي آجيان ڪريون ٿا: فلسطيني پرڏيهي وزارت
مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania