آستانه -22 مئي (اي پي پي) چين جي پر??يه?? وزير وانگ اي شنگهائي سهڪار تنظيم جي پر??يه?? وزيرن جي اجلاس ۾ شريڪ ايراني نائب پر??يه?? وزير مهدي سفاري سان ملاقات ڪئي. گذريل ڏينهن چين جي ميڊيا مطابق وانگ اي هڪ ڀيرو ٻيهر ايراني صدر ابراهيم رئيسي ۽ پر??يه?? وزير حسين امير عبداللهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ان مشڪل جي گهڙي ۾ چين، مضبوطي سان ايراني د??ستن سان گڏ بيٺل آهي. هن ا??يد ظاهر ڪئي ته سپريم اڳواڻ جي قيادت ۾ ايراني حڪومت ۽ عوام طئي ٿيل حڪمت عملي کي بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي اڳيان وڌائيندا ۽ ملڪ جي م??تحڪم ترقي کي برقرار رکندا. صورتحال ۾ خواه ڪا به تبديلي آئي، چين هميشه وانگر ايران سان گڏ اسٽريٽجڪ سهڪار کي م??بوط ڪندو. ٻنهي ڌرين جي گڏيل مفادن جو تحفظ ڪرندو ۽ علائقائي ۽ عالمي امن لاءِ ڪوششون جاري رکندو. مهدي سفاري ان افسوسناڪ حادثي تي صدر شي جن پنگ ۽ پر??يه?? وزير وانگ اي طرفان تعزيت جو اظهار ڪرڻ تي سندن شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته ايران جون گهرو ۽ پر??يه?? پاليسيون تبديل نه ٿينديون ۽ ايران قومي تري جي عمل کي م??بوطي سان هٿي ڏيندو رهندو. ايران، چين سان گڏ پنهنجي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سياسي، اقتصادي، ثقافتي ۽ ٻين شعبن ۾ سهڪار کي م??بوط بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. هن سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ ٽياڪڙي کي هٿي وٺائڻ تي چين جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته ايران لاڳاپيل عمل کي جاري رکڻ ۽ خطي جي ملڪن سان لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جو خواهشمند آهي.
مشڪل جي هن گهڙي ۾ ايران سان گڏ آهيون: چيني پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ