نيويارڪ-29 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم دنيا کي درپيش سنگين چئلينجن تي گهري ڳڻتي ??و اظهار ڪندي چيو آهي ته غزه، يوڪرين، آفريقا، ڏکڻ ايشيا ۽ ڏکڻ چين جهڙن عالمي ۽ علائقائي تڪرارن ۾ واڌ عالمي ??من ۽ سلامتي جي نظام کي تباهه ڪرڻ طرف واضح اشارو آهن. پاڪستاني مشن طرفان جاري پڌرائي موجب هن گذريل ڏينهن پاڪستاني مشن ۾ فل برائٽ اسڪالر پروگرام جي اسڪالرز جي هڪ گروپ سان ڳالهائيند?? عالمي ??من ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ گڏيل قومن جي چارٽر ۾ داخل اصولن ۽ مقصدن تي عمل پيرا ٿيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. پاڪستاني نمائندي خبردار ڪيو ته انهن اصولن جي مسلسل ڀڃڪڙين دنيا کي غير معمولي خطرن جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. هن چيو ته انهن تڪرارن کي حل ڪرڻ ۾ گهڻ رخي نظام جي ناڪام?? عالمي تعاون جي بنيادي اصولن لاءِ وچن ورجائڻ جي ضرورت تي زور ڀري ٿي. گروپ ۾ پاڪستان سميت مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ فل برائٽ اسڪالرز مختلف آمريڪي يونيورسٽين ۾ ماسٽرز ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون حاصل ڪري رهيا آهن. منير اڪرم ڏکڻ ايشيا تي ڌيان ڏيندي ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته ڄمون ڪشمير جي حل نه ٿيندڙ تڪرار سبب خطو هڪ جوهري فلش پوائنٽ بڻيل آهن، هن علائقائي ??من ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ ان مسئلي جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل جي ضرورت تي زور ڀريو. هن ماحولياتي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثرن جهڙوڪ ٻوڏ جي تباهڪارين، سخت گرمين ۽ طوفان جي وڌندڙ خطرن تي به روشني وڌي. پاڪستاني نمائندي ڪيترن ئي اسرندڙ ملڪن ۾ وڌندڙ غربت ۽ محرومي تي ڳڻتي ??و اظهار ڪيو، هن انڪشاف ڪيو ته اٽڪل 150 ملين ماڻهو تازو ئي ٻيهر غربت جي چنبي ۾ وڃي چڪا آهن، هن 800 ملين کي غربت مان ڪڍڻ جي چين جي ڪاميابي ??و اعتراف ڪندي ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته ٻيا اسرندڙ ملڪ عالمي سپلائي چين ۾ رنڊڪ، خوراڪ ۽ ٻارڻ جي وڌندڙ قيمتن ۽ قرضن جي بار سبب شديد متاثر ٿيا آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اسرندڙ دنيا ۾ هن وقت 65 سيڪڙو وسيلا قرضن جي ادائيگي تي خرچ ٿين ٿا، جيڪي اهم ترقياتي ضرور??ن جي قيمت تي آهن.
دنيا ۾ وڌندڙ تڪرار عالمي امن ۽ سلامتي کي تباهه ڪري رهيا آهن: منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات