گڏيل قومون -16 سيپٽمبر (اي پي پي) روس گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي ايجنڊا ۾ والاريل يوڪرين جي علائقن جي صورتحال جي عنوان سان ايجنڊا آئٽم جي شموليت تي اعتراض واريو. روس جي ن??ائ??دي موقف اختيار ڪيو ته اهي لفظ حقيقت جي عڪاسي نه ٿا ڪن ۽ انهن ذريعي ڄاڻي واڻي عالمي برادري کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. روس جي ن??ائ??دي ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته اها خوداراديت جي بن??ادي اصول جي پڻ ابتڙ آهي. روس جي ن??ائ??دي چيو ته 2014ع ۾ يوڪرين ۾ نازي نواز خوني بغاوت اولهه طرفان شروع ڪئي وئي، جنهن جي ??تي??ي ۾ يوڪرين ۾ روس جو نسل، روسي ٻولي ڳالهائيندڙ ۽ عيسائي آرٿوڊوڪس شهرين کي منظم طريقي سان ظلم ۽ ڏاڍ جو نشانو بڻايو ويو ۽ کين ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. اها ايجنڊا آئٽم رڳو يوڪرين حڪومت جا بي بن??اد الزام ۽ پروپئگنڊا کي پکيڙڻ ۾ مددگار آهن. جڏهن ته يوڪرين جي موضوع تي ٻين فورمز ۾ به ڳالهيون ڪيون ويون، انهي لاءِ اهو ايجنڊا آئٽم ڪوشش کي ورجائڻ لاءِ واضح مثال آهي. يوڪرين ن??ائ??دي پنهنج?? طرفان ان ايجنڊا جي آئٽم کي شامل ڪرڻ تي جنرل اسيمبلي جو شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته يوڪرين تي روسي فيڊريشن جي حملي جي پس منظر ۾ ايجنڊا ۾ ان آئٽم کي برقرار رکڻ انتهائي اهميت رکي ٿو. پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف سميت 130 کان وڌيڪ ملڪن جي سربراهن جو ان موقعي تي اعليٰ سطحي بحث ۾ شرڪت جو امڪان آهي.
روس پاران جنرل اسيمبلي اجلاس جي ايجنڊا ۾ والاريل يوڪرين جي علائقن جي صورتحال جي عنوان سان آئٽم جي شموليت تي اعتراض
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان