لاهور – 12 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته نبي آخرالزمان صه مسلمان امت کي اهڙو رستو ڏيکاريو جيڪو دن??ا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي جي ضمانت آهي، دن??ا اهو تسليم ڪرڻ تي مج??ور آهي ته امن ۽ ترقي جي لاءِ پاڻ صه جي نقش قدم تي هلندي ئي منزل حاصل ڪري سگهجي ٿي، قرآن مجيد سان گڏوگڏ ميثاق مدينه ۽ خطبه حجته الوداع اهڙا بهترين دستاويز آهن جن کان رهنمائي وٺي سمورا مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا، گذريل ??الن دوران ملڪ ۾ اسلام جي نالي تي فساد پکيڙيا و??ا، هڪ ٻئي جا گلا ڪاٽيا و??ا، حڪومت ٽن سالن جي ڪوششن سان فساد جو دروازو گهڻي حد تائين بند ڪري ڇڏيو، حڪومت قومي قيادت، عالم سڳورن، فوج ۽ ٻين رياستي ادا??ن جي قربانين سان دهشتگردن جا مرڪز ختم ڪيا ويا آهن ۽ هاڻي اسان جي ڪوشش آهي ته انتهاپسندي جو دروازو به بند ٿي وڃي، اهو ڪم حڪومت سان گڏوگڏ عالم سڳورن ۽ اهل دانش کي ڪرڻو آهي. هو مقامي هوٽل ۾ مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي اهتمام هيٺ ”بين المذاهب هم آهنگي اسلامي تعليم ۽ اسوه رسول صه جي روشني ۾“ جي موضوع تي منعقد بين الاقوامي سيرت النبي صه ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.
نبي ڪريم صه مسلمان امت کي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي جو رستو ڏيکاريو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی