ٽوڪيو -23 آڪٽوبر (اي پي پي) جاپان جي پرڏيهي وزير غزه پٽي ۾ بگڙجندڙ انساني صورتحال کي روڪڻ جي ارادي سان عالمي سطح تي گڏيل ڪوششون ڪرڻ تي زور ڀر??و آهي. جاپان جي خابرو اداري مطابق مصر جي ميزباني ۾ ٿيندڙ قاهره امن ڪانفرنس ۾ جاپان جي پرڏيهي وزير چيو ته هڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن لاءِ سڀ کان وڌيڪ ??هم ڳالهه اها آهي ته جيترو جلد ٿي سگهي ته غ??ه ۾ عوام لاء?? وڌ کان وڌ امدادي سامان پهچايو وڃي ۽ اتي موجود پرڏيهين کي مصر منتقل ڪيو وڃي. هن شرڪت ڪندڙن تي زور ڀر??و ته غ??ه ۾ ماڻهن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ طاقت ۽ حڪمت کي گڏائين ۽ خطي ۾ جٽادار امن ۽ استحڪام لاءِ صورتحال جي شدت ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن. هن نشاندهي ڪئي ته جاپان فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل لاءِ پنهنجي اڻٽٽ حمايت تي قائم آهي جنهن ۾ فلسطين جي آزاد رياست قائم ٿئي ۽ اسرائيل سان گڏيل بقا ۽ امن ۽ محفوظ طريقي سان رهي سگهي. هن غزه جي رهواسين لاءِ هڪ ڪروڙ ڊالرن جي هنگامي انساني امداد فر??هم ڪرڻ جي جاپان حڪومت جي منصوبن جو اعلان پڻ ڪيو.
جاپان طرفان غزه جي رهواسين لاءِ وڌيڪ امداد جو اعلان
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا