گڏيل قومون _ 27 فيبروري (اي پي پي ) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي 2025 ع ۾ ورلڊ سوشل سمٽ گهرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي . شنوا مطابق گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ 2025 ع ۾ ورلڊ سوشل سمٽ گهرائڻ جي حو??لي سان قرارداد پيش ڪئي وئي ج??هن کي منظور ڪيو ??يوآهي . قرارداد ۾ چيو ??يو آهي ته ورلڊ سوشل سمٽ جو مقصد ڪوپن هيگن ڊيڪلريشن آن سوشل ڊويلپمنٽ ۽ پروگرام آف ايڪشن ۾ موجود خامين تي ڌيان ڏيڻ ۽ 2030ع جي ايجنڊا تي عمل درآمد کي بهتر ڪر?? آهي . قرارداد ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر کي درخواست ڪئي ته هو سهڪاري سهولتڪارن جي مقرري ڪري ج??هن ۾ هڪ اسرندڙ ملڪن کان هجي ۽ هڪ اسريل ملڪ کان هجي ، ته جيئن سربراهي اجلاس تائين وڃڻ عالمي حڪومتي تياري جي عمل کي آسان بڻائي سگهجي. قراداد ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي اها به درخواست ڪئي وئي ته هو سربراهي اجلاس جي عالمي حڪومتي تياري جي عمل ۾ موجود وسيلن اندر مناسب مدد فراهم ڪري .
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي 2025 ع ۾ ورلڊ سوشل سمٽ گهرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ