گڏيل قومون _ 17 آڪتوبر (اي پي پي)گڏيل قومن غزه بحران ۾ اسرائيلي بربريت جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اسرائيل ج?? حملا هر هنڌ انساني همدردي جي بنيا تي امدادي سرگرمين ۾ رڪاوٽ آهن. اها ڳالهه گڏيل قومن جي وقتي انڊر سيڪريٽري جوائس مسويا يو اين سيڪيورٽي ڪائونسل کي غزه جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي چئي. هن ٻڌايو ته غزه جي صورتح??ل هر ڏينهن بدترين ٿيندي پئي وڃي ڇو ته اسرائيلي فوجي حملا هر موڙ تي انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي فراهمي ۾ رڪاوٽ آهن. هن چيو ته اسپتالن ۾ ٻا??ڻ ۽ ضروري طبي سامان ختم ۽ خوراڪ جو ذخيرو گهٽجي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته آمريڪا طرفان اسرائيل کي فوجي سپلائي روڪڻ جي ڌمڪي باوجود علائقي ۾ انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي فراهمي جي اجازت نٿي ڏني وڃي.جوائس مسويا چيو ته هڪ هفتو اڳ سندس آخري بريفنگ بعد غزه جي ماڻه?? کي اسرائيلي فضائي حم??ن جي نتيجي ۾ وڏي پيماني تي جاني نقصا?? کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
غزه ۾ اسرائيلي حملا هر هنڌ انساني همدردي جي بنياد تي امدادي سرگرمين ۾ رڪاوٽ آهن: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل