اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته گرين لائين کي طئي ٿيل مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ سنڌ پئڪيج تحت منصوبن تي پڻ ڪم ۾ تيزي آندي وڃي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان سنڌ سان تعلق رکندڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، قومي اسيمبلي ميمبر غوث بخش مهر، صوبائي اسيمبلي ميمبر علي گ??هر مهر ۽ صفدر عباسي شريڪ هئا. ان موقعي تي ملاقات ۾ سنڌ جي مجموع?? صورتحال خاص طور تي امن امان ۽ ڪوروان ج?? صورتحال ۽ عوام کي درپيش مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان کانسواءِ سنڌ ۾ وفاق جي جاري ترقياتي منصوبن تي سنڌ صوبي جي پهرين وڏي ٽرانسپورٽ منصوبي گرين لائين تي اڳڀرائي تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم گرين لائين کي مقرر ڪيل مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ ۽ سنڌ پئڪيج تحت منصوبن تي پڻ تيزي سان ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
گرين لائين کي طئي ٿيل مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار