اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مون کي چيو وڃي ٿو ته آئون مخالف ڌر اڳواڻ سان هٿ نه ٿو ملايان، جنهن تي اربين رپين جي ڪرپشن جا ڪيس هجن، ان سان هٿ ملائڻ جو مطلب معاشري ۾ اها شيءَ تسليم ڪرائڻي پوندي ته ڪرپشن ڪا بري شيءَ نه آهي، برطانيا ۾ ڪنهن تي عوام جو پئسو چوري ڪرڻ جو الزام لڳڻ تي ان کي ٽي وي پروگرامن ۾ نه ٿو گهرايو وڃي ۽ اسيمبلي ۾ وڃي ٻه ٻه ڪلاڪ تقرير ڪرڻ جو ڪو تصور به نٿو ڪري سگهي، نوجوان نسل جي ??حيح رخ ۾ رهنمائي جي ??رور?? آهي، بدعنواني سان معاشرتي بگاڙ پيدا ٿئي ٿو، اسڪالرز قوم جي ??هنمائي ڪن ٿا، اڄ جي پاڪستان ۾ اسڪالرز جي ??مام گهڻي ضرور?? آهي، اڄ نوجوان نسل تي سوشل ميڊيا جي يلغار آهي، رحمت للعالمين اٿارٽي قائم ڪرڻ جو مقصد نوجوانن کي رول ماڊل فراهم ڪرڻ آهي، اسڪالرز معاشري ۾ فڪري انقلاب جي لاءِ رهنمائي ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڪيڊمي ادبيات پاڪستان ۾ ”ايوان اعزاز“ جي ??فتتاح جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته مون کي چيو وڃي ٿو ته ڪرپشن جي معاملي تي توهان ڇو انهن ٻن خاندانن تي تنقيد ڪريو ٿا جڏهن ته جڏهن مڪي ۾ انقلاب آيو ته ان انقلاب جو بنياد اخلاقيات تي هو، جن قومن ۾ اخلاقيات ۽ سٺي بري جي ??ميز ختم ٿي وڃي ٿي ۽ برائي کي قبول ڪ??ي وٺي ٿي ته اهي قومون ختم ٿي وڃن ٿيون، جيڪڏهن بري کي برو نه ٿا چئو ته ان جو مطلب آهي ته ان سان قوم جو زوال شروع ٿي وڃي ٿو، برطانيا ۽ اسان جي ??خلاقيات ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، برطانيا جي پارليامينٽ اهڙي طرح پئسا ڇو نه ٿا هلن جهڙي طرح اسان جي ??ينيٽ ۾ ماڻهو وڪرو ٿين ٿا، برطانيا ۾ ته هارس ٽريڊنگ جو تصور ئي نه آهي ڇو ته انهن جو اخلاقي معيار اسان کان تمام گهڻو مٿي آهي. وزيراعظم چيو ته مسلمان واپارين جي ??لند ڪردار جي ڪري ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ۾ اسلام پکڙيو. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي نعمتون عطا ڪيون آهن، اسان کي فڪري انقلاب آڻڻو پوندو ۽ اخلاقي معيار کي بهتر بڻائڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته اسان کي ٻن قسمن جا چئلينجز درپيش آهن هڪ چئلينج ته اهو آهي ته اسان ڪرپشن کي قبول ڪ??ي ويٺا آهيون، مون کي چيو وڃي ٿو ته توهان اپوزيشن ليڊر سان هٿ نه ٿا ملايو، جنهن تي اربين رپين جي ڪرپشن جا ڪيس هجن، ان سان هٿ ملائڻ جو مطلب معاشري ۾ اها شيءَ تسليم ڪرائڻي پوندي ته ڪرپشن ڪا بري شيءَ نه آهي، برطانيا ۾ جيڪڏهن ڪنهن تي اهو الزام لڳي وڃي ته هن عوام جو پئسو چوري ڪيو آهي ته ڪو اينڪر ان کي پنهنجي پروگرام ۾ نه ٿو گهرائي ۽ جيستائين هو پنهنجو پاڻ کي ان الزام کان آزاد نه ٿو ڪرائي وٺي، پارليامينٽ ۾ به داخل نه ٿو ٿي سگهي، اتي اهو تصور به نه آهي ته اربين رپين جي ڪرپشن جو الزام هجي ۽ اسيمبلي ۾ وڃي ڪير ٻن ٻن ڪلاڪن جي ??قرير ڪري. مسلمانن جي ??اريخ جي ??نهري دور ۾ عالم ۽ دانشورن جو تمام وڏو رتبو هو، البيروني ۽ ابن بطوطه جهڙا دانشور ان دور ۾ هئا ۽ انهن جي هر جڳهه عزت ڪئي ويندي هئي، جڏهن ڪا تهذيب ترقي ڪ??ي رهي هوندي آهي ته دانشور ان وقت جي ماڻهن جو رول ماڊل بڻجي ويندا آهن ۽ اهي قوم جو قبلو صحيح ۽ رخ جو تعين ڪندا آهن، دانشورن جي ??هميت گهٽ ٿيڻ سان تهذيبون زوال پذير ٿين ٿيون، اولهه ۾ اسان دانشورن جي ڪري عروج ۽ زوال جو مشاهدو ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته هن پرڏيهين جي لاءِ ٽريول بڪس لکي آهي ڇو ته ماڻهن کي ان وقت پاڪستان ??اب?? ايتري معلومات نه هئي ته هي ڪيترو خوبصور?? آهي، عالمه اقبال جي ??اعري سڄي دنيا جي مسلمانن کي متاثر ڪيو ۽ الجيريا جي هڪ جنگجو جي ??قول هن علامه اقبال جي هڪ شعر کان متاثر ٿي اسلام قبول ڪيو. هن چيو ته اڄ جي پاڪستان ۾ اسڪالرز جي ??مام گهڻي ضرور?? آهي، افسوس ٿيندو آهي ته ماڻهن کي اسلامي تاريخ جي وڌيڪ ڄاڻ نه آهي، رڳو جنگين جي ڪري دنيا جي ??اريخ ۾ ايترو وڏو انقلاب نه آيو ۽ ان انقلاب جو دنيا جي ??اريخ ۾ مثال نه ٿو ملي، 622هه ۾ حضور اڪرم ﷺ هجرت ڪري مديني پهتا، 625هه ۾ غزه بدر ٿي ۽ ان وقت 636هه ۾ روم ۽ 637هه ۾ فارس جي ??لطنتن جو خاتمو ٿيو، تلوار سان نه بلند ڪردار ۽ اخلاق جي ڪري اسلام پکڙيو، اسلامي فڪري انقلاب جو بنياد اعليٰ اخلاقي قدرن تي ٻڌل هو. وزيراعظم چيو ته طاقت علم سان اچي ٿي، اسان کي پنهنجي نوجوان نسل کي آگاهي ڏيڻ ضروري آهي ڇو ته سوشل ميڊيا ۽ ميڊيا تي هن وقت جيڪا يلغار آهي اها اسلامي تاريخ ۾ اڳ ۾ ڪڏهن نه هئي، اڄ موبائيل فون تي مثبت ۽ منفي ٻنهي قسمن جو مواد موجود آهي، دانشورن ۽ فلم سازن تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته نوجوانن کي صحيح رستي تي آڻڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ڇو ته ميڊيا کي بند نه ٿو ڪري سگهجي ۽ سوشل ميڊيا هڪ حقيق?? آهي پر اسان پنهنجي ٻارن جي ??ربيت ڪري سگهون ٿا ۽ ٻڌائي سگهون ٿا ته سوشل ميڊيا تي موجود مواد کي ڪهڙي طرح استعمال ڪ??ڻو آهي. هن چيو ته دانشور عوامي راءِ کي هموار ڪن ٿا، ملڪي نظريي جو تحفظ ڪن ٿا ۽ سٺي بري جي ??ميز سيکارين ٿا، هن وقت اسان جو سڀ کان وڏو بحران اخلاقي هيٺاهين آهي. وزيراعظم چيو ته رحمت للعالمين اٿارٽي قائم ڪرڻ جو مقصد نوجوان نسل کي رول ماڊل فراهم ڪرڻ آهي، نبي اڪرم ﷺ جي ??يرت مبارڪ اسان جي لاءِ رول ماڊل آهي، دنيا جي ??ظيم ترين شخصيتن ۾ حضور اڪرم ﷺ سرفهرس?? آهن. وزيراعظم چيو ته حڪومت دانشورن سان پورو تعاون ڪندي، استاد، عالم ۽ دانشورن جو اسلامي معاشري ۾ بلند مقام آهي، معاشري جي لاءِ فڪري انقلاب آڻڻ ۾ انهن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، پاڪستان ۾ جنسي ڏوهن ۾ اضافو فڪر جو لمحو آهي ۽ اهو سڀ کان وڌيڪ وڌي رهيو آهي، اسان جي لاءِ تمام شرمناڪ ڳالهه آهي، موبائيل فون جون سٺايون هڪ طرف پر ٻئي طرف ان جا منفي اثر به پئجي ??هيا آهن، ٻارن ۽ عورتن سان زيادتيون اسان جي معاشري جي لاءِ هڪ وڏو چئلينيج آهي، فلمن جو مواد هالي ووڊ کان بالي ووڊ ۽ پوءِ بالي ووڊ کان پاڪستان ۾ منتقل ٿي وڃي ٿو، ان سان جيڪو ڪلچر اسان جي ملڪ ۾ پکڙجي ??هيو آهي ان جي منفي اثرن جو اسان اندازو ئي نه ڪ??ي رهيا آهيون، ڀارت ۾ فلمن جي ڪري خانداني نظام ڪهڙي طرح متاثر ٿيو آهي ۽ طلاق جي ??رح ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿيو آهي اهو سڀ ڏسي سگهو ٿا، جيڪڏهن اهڙي طرح جو ڪلچر اسان به اختيار ڪنداسين ته ان جا اثر اسان جي مٿان به پوندا، دانشورن جو ڪم آهي ته اهي معاشري جي ??هنمائي ڪن ۽ انهن کي متبادل نظام زندگي ??اب?? آگاهي ڏين ۽ معاشري جي ??حيح رخ جو تعين ڪن، مديني جي ??ياست ۾ علم ۽ قانون جي ??ڪمراني تي تمام گهڻو زور ڏنو ويو ۽ اتي فلاحي رياست قائم ڪئي وئي، اهڙي طرح جي فلاحي رياست جو تصور هاڻي اسان کي اولهه ملڪن ۾ نظر اچي ٿو، يهودي دنيا ۾ اڄ ان جي ڪري سڀ کان اڳتي آهن ته انهن تعليم تي تمام گهڻو ڌيان ڏنو آهي پر انهن جيڪو نظام زندگي اختيار ڪيو آهي ان جي ڪري انهن جو خانداني نظام تباهه ٿي رهجي ويو آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت دانشورن ۽ اديبن جي پوري مدد ۽ انهن سان تعاون ڪندي پر انهن مان اميد ڪريون ٿا ته اهي معاشري خاص طور تي نوجوانن جي ??حيح رخ ۾ رهنمائي ڪندا.
مون کي چيو وڃي ٿو ته آئون مخالف ڌر اڳواڻ سان هٿ نه ٿو ملايان، جنهن تي اربين رپين جي ڪرپشن جا ڪيس هجن، ان سان هٿ ملائڻ جو مطلب معاشري ۾ اها شيءَ تسليم ڪرائڻي پوندي ته ڪرپشن ڪا بري شيءَ نه آهي: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا