اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس سفير مسعود خان بابت ڀارتي ميڊيا جي بي ??ني??د ۽ من گهڙت پروپيگنڊا کي رد ڪندي چيو آهي ته مسعود خان هڪ تجربيڪار ۽ سينئر سفارتڪار آهي، ڪشمير ميڊيا سروس موجب پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار سردار مسعود خان جي آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير جي طور مقرري ۾ دير جي حوال?? سان ڀارت جي ڪڌي پروپيگنڊا کي رد ڪندي چيو آهي ته اهو معاملو آمريڪي انتظاميه سان اڳتي وڌي رهيو آهي ان سلسلي ۾ ڀارتي ميڊيا رپورٽس پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڀارتي مهم جو حصو آهن، مسعود خان جي آمريڪا ۾ بطور سفير مقرري تي ڀارتي ميڊيا جي دعوائون جو حوالو ڏيند?? هن چيو ته ڀارتي ميڊيا رپورٽس، جعلي خبر?? ۽ ??سڪينڊل تي ٻڌل دعوائ?? ۽ ??ي ??ني??د الزامن جي ذريعي پاڪستان ۽ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙن کي بدنام ڪرڻ جي مهم جو حصو آهن. عاصم افتخار چيو ته سفير مسعود خان انتهائي باصلاحيت سفارتڪار آهي ۽ هن کي گهڻ رخي ۽ ٻطرفي سفارتڪاري جو 40 سالن جو تجربو حاصل آهي، واضح رهي ته سردار مسعود خان سفارتي خدمتن تان رٽائرمينٽ کانپوءِ آزاد ڪشمير جي صدر جي طور تي به خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي ۽ هو ڀارت سان پراڻي تڪرار ڪشمير تي پاڪستان جو موقف اجاگر ڪندو رهندو آهي.
پاڪستاني پرڏيهي آفيس مسعود خان جي باري ۾ ڀارتي پروپيگنڊا کي بي نقاب ڪري ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری