سڪرنڊ – 02 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين پرڏيهي ??زي?? مخ??وم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته بلاول زرداري ووٽن جي فارمولي سان ??زي??اعظم نه ٿو بڻجي سگهي ڇو ته پنجاب ۾ سندس مقبوليت رڳو 5 سيڪڙو آهي. سڪرنڊ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ ۾ هاڻي پراڻن نعرن جي ڪشش ناهي رهي، پيپلزپارٽي پنهنجي ما??چ ۾ رينٽ اي ڪار جو ميڙ کڻي گڏ هلي رهي آهي، پيپلزپارٽي سنڌ سرڪار جي بيساکين تي سياست ڪري رهي آهي، نام نهاد ما??چ ۾ سنڌ پوليس، ايمبولينس، سرڪاري وسيلا استعمال ٿي رهيا آهن، بلاول کان معصومانا سوال آهي ته جتي وڃي ٿو شهر ڇو بند ڪرائي ڇڏي ٿو، جيڪڏهن عوامي مارچ آهي ته عوام کي ڇو پري رکيو پيو وڃي. وفاقي ??زي?? چيو ته بلاول چوي ٿو ته منهنجي کيسي ۾ عدم اعتماد جي تحريڪ آهي، پر گذريل ڏينهن انهن جي عدم اعتماد جي رٿ جي هوا نڪري وئي، چوڌري ڀائرن ??زي??اعظم سان تائيد کي ورجايو ۽ اسان جا باقي اتحادي به اسان سان گڏ آهن، تحريڪ انصاف جو ايم اين اي ڪنهن گروپ جو حصو نه آهي، تحريڪ انصاف ۾ عمران خان کانسواءِ ڪو گروپ نه آهي. مخ??لف ڌر وٽ نمبر نه آهن، (ن) ليگي چونڊون چاهين ٿا ۽ پيپلزپارٽي وارا چونڊون نه ٿا چاهين. پرڏيهي ??زي?? چيو ته روس ۽ يوڪرين جي جنگ ۾ پاڪستان امن سان گڏ بيٺل آهي، يوڪرين سان ٽن ملڪن جون سرحدي حدون لڳن ٿيون جن سان اسان جي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، هيستائين هڪ هزار 132 ٻار بارڊر ڪراس ڪري چڪا آهن، ڪل 3 هزار شاگرد ۽ شاگردياڻيون هئا انهن مان ڪيترائي اڳ ۾ نڪري آيا هئا، جيڪي رهجي ويا انهن جا دستاويز تيار نه هئا ان لاءِ اهي رهجي ويا آهن، انهن لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ان معاملي ۾ غافل نه آهيون.
بلاول زرداري ووٽن جي فارمولي سان وزيراعظم نه ٿو بڻجي سگهي ڇو ته پنجاب ۾ سندس مقبوليت رڳو 5 سيڪڙو آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی