اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گوجرانوالا ۾ ٽريفڪ حادثي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان ج??ري بيان موجب وزيراعظم چيو ته عورتن سميت فوت ٿيندڙن جي وارثن سا?? دلي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪريون ٿا. ٽريفڪ حادثن جي روڪٿام لاءِ پنجاب حڪومت کي سڌارن جي هدايت ڪريون ٿا. بهتر رستن جي تعمير ۽ انتظامي قدمن سا?? حادثن کي گهٽ ڪرڻ جي پروگرام تي عمل ڪنداسين. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومن کي جنت الفردو?? ۾ ??عليٰ مقام، وارثن کي صب?? جميل ڏي، هن زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا به ڪئي.
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب