اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چ??و آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ عوام جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورين اتحادي پارٽين جو گڏجي ڪم ڪرڻ انتهائ?? ضروري آهي، حڪومتي سطح تي سمورا فيصلا ڪندي قومي مفا?? هر حال ۾ مٿانهون رکيو ويندو. اهرن خيالن جو اظهار هن جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ڳالهائيندي ڪيو جن??ن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال جو تف??يلي جائزو ورتو ويو، عوام کي مهانگائي جي ڌٻڻ مان ڪڍڻ ۽ ملڪ ۾ معاشي استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ضروري قدم بحث هيٺ آيا. وزيراعظم عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ مارڪيٽ ۾ ضرورت جي شين جي گهٽ اگهن تي دستيابي جي عزم کي ورجايو ۽ چيو ته ان سلسلي ۾ دستياب وسيلن کي بهتر طريقي سان استعمال ۾ آندو ويندو. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ عوام جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورين اتحادي پارٽين جو گڏجي ڪم ڪرڻ انتهائ?? ضروري آهي ۽ ان مقصد جي لاءِ حڪومتي سطح تي سمورا فيصلا ڪندي قومي مفا?? هر حال ۾ مٿانهون رکيو ويندو. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته جمهوريت ۽ آئين جي پاسداري ئي پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام جي ضامن آهي.
ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ عوام جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورين اتحادي پارٽين جو گڏجي ڪم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا