اسلام آباد – 05 – جولاءِ (اي پي پي) وزيرا??ظم شهباز شريف اسلام آباد جي ڪورنگ نالي ۾ ٻوڏ وهڪري ۾ ڦاٿل چئن ننڍن ٻارن کي بچائڻ تي ريسڪيو ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪ بحريه، اسلام آباد ج?? ضلعي انتظاميا، پوليس ۽ ريسڪيو 1122 جي عملي فرض شناسي جو عمده ??ثال قائم ڪيو آهي. وزيرا??ظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم چي?? ته طوفاني ٻوڏ وهڪري ۾ ريسڪيو جي عملي جنهن بهادري، مهارت ۽ دليري جو مظاهرو ڪيو آهي انهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چي?? ته ش??يد موسمي حالتن ۾ والدين پنهنجي ٻارن جي حفاظت جي حوالي سان ذميواري جو مظاهرو ڪن، الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته ڪو حادثو نه ٿيو. وزيرا??ظم چي?? ته راولپنڊي سميت سڄي ملڪ ج?? ضلعي انتظاميا، پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون اسلام آباد ٽيم جي مثال جي پوئلڳي ڪن، هي واقعو سڀني جي لاءِ مثال آهي. هي واقعو سڀني جي لاءِ مثال آهي ته جيڪڏهن اسان اهڙي طرح ٽيم ورڪ، محنت ۽ بهادري سان ڪم ڪريون ته انشاءَ الله مشڪلاتن جي طوفاني وهڪرن مان سرخرو ٿي نڪرنداسين. هن چي?? ته طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال ۾ قومي ۽ انساني همدردي جي جذبي سان پنهنجي اهل وطنن جي مدد ڪريو.
وزيراعظم پاران اسلام آباد جي ڪورنگ نالي ۾ ٻوڏ وهڪري ۾ ڦاٿل چئن ننڍن ٻارن کي بچائڻ تي ريسڪيو ٽيم جي ڪارڪردگي جي ساراهه
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری